Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پمز اسپتال اسلام آباد ۾ هٿيار بند شخص جي طرفان نالي واري ڊاڪٽر شاهد نواز کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار ۽ صحت يابي جي لاءِ دعا.


پمز اسپتال اسلام آباد ۾ هٿيار بند شخص جي طرفان نالي واري ڊاڪٽر شاهد نواز کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار ۽ صحت يابي جي لاءِ دعا.
 Posted on: 2/14/2015
پمز اسپتال اسلام آباد ۾ هٿيار بند شخص جي طرفان نالي واري ڊاڪٽر شاهد نواز کي فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار ۽ صحت يابي جي لاءِ دعا.
لنڊن؛ 14 فيبروري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين هٿيار بند شخص جي طرفان پمز اسپتال اسلام آباد ۾ نالي واري ڊاڪٽر شاهد نواز کي قاتلاڻه حملي ۾ فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ نالي وارن ڊاڪٽرن ، پروفيسرن، انجنيئرن ۽ ٻين پروفيشنل ماڻهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ڊاڪٽر شاهد نواز تي قاتلاڻه حملو به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڊاڪٽر شاهد نواز دل جي مرض( امراض قلب) جي شعبي جا سربراھ هجڻ سان گڏو گڏ فخر اسلام آباد به چورائيندا آهن. جن جون طب جي حوالي سان خدمتون بي مثال آهن. جناب الطاف حسين ان واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي حق پرست عوام کي اپيل ڪئي ته اهي الله تعالٰي جي حضور ڊاڪٽر شاهد نواز جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعائون ڪن.

7/17/2024 5:58:29 PM