ايم ڪيو ايم وفدن جي چڪلاله ۽ لاهور ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي والده محترمه جي جنازي نمازن ۾ شرڪت.
ايم ڪيو ايم وفدن ۾ ڊاڪٽر فاورق ستار، عبدالرشيد گوڏيل ۽ ايم ڪيو ايم اپر پنجاب جو صدر ميان عتيق شامل آهن.
ايم ڪيو ايم جو وفد ڪالھ رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ مرحومه جي ٽيجهي ۾ به شرڪت ڪندو.
راولپنڊي؛ 14 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي وفدن جنرل راحيل شريف جي والده محترمه جي جنازي نمازن ۾ شرڪت ڪئي. چڪلاله جنازي نماز ۾ قومي اسيمبلي ۾ حق پرست پارليماني ليڊر عبدالرشيد گوڏيل، اپر پنجاب جي صدر ميان عتيق شرڪت ڪئي. جڏهن ته لاهور ۾ مرحومه جي جنازي نماز ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو پيغام به پهچايو.ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جو وفد ڪالھ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ مرحومه جي ٽيجهي ۾ به شرڪت ڪندو. وفد ۾ بابر غوري به شامل هوندو.