حيدرآباد ۾ شاليمار ايڪسپريس جي ٻن ٻوگين جي ڪلٽي ٿيڻ تي عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي مسافرن جي زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
لنڊن؛ 14 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حيدرآباد جي ويجهو ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس جي ٻن ٻوگين جي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي مسافرن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين زخمي ٿيندڙ ماڻهن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان حادثي جي غيرجانبدارانه تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ حادثن جي روڪٿام جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن ۽ زخمين کي سرڪاري خرچ تي علاج معالجي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.