جنرل راحيل شريف جي والده محترمه جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
جنرل راحيل شريف پاڪستان جي تاريخ جي سڀني کان وڏي جنگ وڙهي رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 14 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي والده محترمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل راحيل شريف پاڪستان جي تاريخ جي سڀني کان وڏي جنگ وڙهي رهيا آهن ۽ اهڙي وقت ۾ جنرل راحيل شريف جي لاءِ والده محترمه جي جدائي جو صدمو يقينن تمام وڏو صدمو آهي. پر الله تعالٰي جي مصلحت جي اڳيان انسان بي وس آهي.انهن فرمايو ته جنرل راحيل شريف جي والده محترمه الله تعالٰي جي رضا سان انهن جي وچ ۾ موجود نه آهن پر مرحومه جنتي آهن ۽ تمام سٺي جڳھ تي آهن.ان جي ڪري جنرل راحيل شريف صبر ۽ همت کان ڪم وٺن. انهن فرمايو ته جنرل راحيل جي والده مرحومه جي وفات تي هڪ هڪ پاڪستاني مرحومه جي بلند درجات جي لاءِ دعاگو آهي ۽ ان ڏک جي گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن جنرل راحيل شريف ۽ ٻين سوگوارن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سمورن سوگوارن خصوصن جنرل راحيل شريف کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.