Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/13/2015
پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪ فوج آخري دهشت گرد جي خاتمي تائين دهشت گردي جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکي.
جيڪڏهن ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي امداد ڪرڻ ۾ اسان جي طرفان ڪا ڪسر رهجي وئي هجي ته متاثر اسان کي معاف ڪري ڇڏين.
گورنر هائوس ڪراچي ۾ سانحه ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن ۾ امدادي چيڪ تقسيم ڪرڻ جي تقريب جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 14 فيبروري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهي. ان جي ڪري پاڪ فوج آخري دهشت گرد جي خاتمي تائين دهشت گردي جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکي. اها ڳالھ انهن گورنر هائوس ڪراچي ۾ سانحه ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن ۾ امدادي چيڪ ورهائڻ جي تقريب جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي. تقريب ۾ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، بحريه ٽائون جو سربراھ ملڪ رياض، انهن جا والد زين ملڪ، صوبائي وزير اطلاعات شرجيل ميمڻ، سنڌ اسيمبلي جا حق پرست ميمبر، معروف صنعتڪار سراج قاسم تيلي، ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو صدر افتخار وهره ۽ ٻيا به موجود هئا.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين حيات آباد پشاور بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي فرمايو ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي بلند درجات ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.انهن فرمايو ته پاڪستان جي بهادر فوج ضرب عضب جي تحت دهشت گردن جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ ملڪ بچائڻ جي لاءِ پنهنجين قيمتي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ جي باوجود دشمنن جي اڳيان ڇيهي رسيل ڀت وانگر ڄميل آهي جنهن تي مان پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي سلام تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ شهيد ٿيندڙ فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. انهن پاڪ فوج جي سربراهن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ آهي ان جي ڪري اها آخري دهشت گرد جي خاتمي تائين دهشت گردي جي خلاف پنهنجي جدوجهد جاري رکي.انهن ٽمبر مارڪيٽ ۾ باھ لڳڻ جو ذڪر ڪندي فرمايو ته هن مهل تائين اهو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ته ٽمبر مارڪيٽ ۾ باھ حادثاتي طور تي لڳي هئي يا ڪنهن جي شرارت جو نتيجو آهي. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي وزير اعلٰي سنڌ کي صحت ۽ هدايت نصيب فرمائي ته اهي ٽمبر مارڪيٽ ۾ باھ لڳڻ جي واقعي جي تحقيقات ڪرائين. انهن فرمايو ته جڏهن به ڪوئي دردناڪ حادثو ٿئي ٿو ته ملڪ رياض صاحب هڪ فرشتو بڻجي ڪري متاثرن جي مدد جي لاءِ پهچي وڃن ٿا، ملڪ رياض ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي مدد جو اعلان ڪيو هو ۽ اڄ في متاثره شخص کي ڏھ لک روپين جا چيڪ ڏنا پيا وڃن. انهن وڌيڪ فرمايو ته جيڪڏهن ڪنهن متاثره شخص کي ان جي ٿيل نقصان کان گهٽ ملي رهيو آهي ته اهو پنهنجن ڪوائف سان گڏ بحريه ٽائون ۾ درخواست ڏيئي سگهي ٿو. انهن ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن کي چيو ته مان اوهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، ان واقعي تي مان ۽ منهنجا ساٿي ٽن ڏينهن تائين جاڳندا رهيا ۽ اسان جي وس ۾ جيڪو ڪجھ هو اهو اسان ڪيو پر مالي مشڪلاتن جي ڪري متاثرن جي امداد ۾ اسان جي طرفان ڪا ڪسر رهجي وئي هجي ته اسان کي معاف ڪري ڇڏجو. اوهان دعا ڪريو ته الله تعالٰي  اهڙيون حالتون پيدا ڪري جو مان وطن واپس اچي ڪري سڀني مظلومن جي خدمت 
ڪري سگهان. جناب الطاف حسين انسانيت جي خدمت ڪرڻ  تي ملڪ رياض ۽ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي انهن جي صحت ، ترقي و خوشحالي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون به ڪيون.انهن ملڪ رياض کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ڪراچي جو فائربريگيڊ جديد گاڏين ۽ جديد آلات کان محروم آهي ان جي ڪري اوهان وزير اعظم، وفاقي وزير داخلا ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي توجه ان طرف ڏياريو ته ڪراچي جي فائربريگيڊ کي جديد گاڏين، اسنارڪل، جديد آلات ، تربيت يافته اسٽاف ۽ سٺين پگهارن جي سخت ضرورت آهي.فائربريگيڊ انتهائي اهم ادارو آهي جنهن جو اسٽاف پنهنجين جانين کي ٿري تي رکي ڪري ٻين جي جانين کي بچائي ٿو ان جي ڪري ان اداري جي بهتري تي حڪومت کي ڀرپور توجه ڏيڻ گهرجي. جناب الطاف حسين ٽمبر مارڪيٽ جي متاثرن جي ڏينهن رات خدمت ڪرڻ تي حق پرست نمائندن، سيڪٽر ۽ يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي شاباش پيش ڪندي فرمايو ته ڏکايل انسانيت جي خدمت تي مان اوهان سڀني کي پنهنجو پيار پيش ڪريان ٿو. منهنجي دعا آهي ته الله تعالٰي اوهان سڀني کي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ تي اجر عظيم عطا فرمائي ۽ ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائي. جناب الطاف حسين آخر ۾ دعا ڪئي ته الله تعالٰي پاڪستان کي هر قسم جي آفتن ۽ مصيبتن کان محفوظ رکي ۽ ملڪ ۾ سٺن ۽ ايماندار ماڻهن جي حڪومت قائم ڪري. پاڪستان سان گڏو گڏ پوري دنيا کان قتل و غارتگري جو خاتمو ڪري  ۽ هڪ ٻئي جي جان وٺڻ جي بجاءِ هڪ ٻئي جي جان و مال کي تحفظ فراهم ڪن.سڄي ملڪ ۾ ٻار اسڪولن ۾ امن و سڪون سان وڃن ۽ حفاظت سان پنهنجن گهرن کي واپس موٽن ۽ الله تعالٰي سمورن ٻارن جي حفاظت فرمائي. آمين.

7/17/2024 6:12:37 PM