ايم ڪيو ايم جي وڌيڪ ٽن اميدوارن سينيٽ جي اليڪشن جي لاءِ اسلام آباد جي ٻن خالي سيٽن تي ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرائي ڇڏيا.
اسلام آباد؛ 13 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي طرفان سينيٽ جي اليڪشن جي لاءِ اسلام جي ٻن خالي سيٽن تي وڌيڪ ٽن اميدوارن جمعي جي ڏينهن ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ايم ڪيو ايم جي طرفان جنرل سيٽ تي ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرائڻ وارن ۾ اپر پنجاب سوشل فورم جو فنانس سيڪريٽري سيد ذوالفقار علي جڏهن ته عورتن جي خالي سيٽن تي ايم ڪيو ايم جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر محترمه بسمه آصف ۽ اپر پنجاب جي سينيئر نائب صدر جي گهر واري محترمه شمائله شهاب شامل آهن.