Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پشاور حيات آباد ۾ بم ڌماڪن تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


پشاور حيات آباد  ۾ بم ڌماڪن تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 2/13/2015
پشاور حيات آباد  ۾ بم ڌماڪن تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
دين اسلام ۾ هڪ بي گناھ جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 13 فيبروري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيبرپختونخواھ جي شهر پشاور حيات آباد جي اماميه مسجد جي ٻاهران بم ڌماڪن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 19 ماڻهن جي هلاڪ ۽ 50 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته دين اسلام ۾ هڪ بي گناھ جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏنو ويو آهي.مسجد الله سائين جو گهر آهي ۽ جيڪي وحشي صفت عناصر الله تعالٰي جي گهر کي رت ۾ وينجهارين، انهن کي ڌماڪن سان اڏائين ۽ الله سائين کي سجدو ڪندڙ شهرين جي رت سان هولي کيڏن اهي مسلمان ته ٺهيو انسان چورائڻ جي به لائق نه آهن. اهڙا وحشي دين اسلام ۽ انسانيت جا کليل دشمن آهن. انهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته بي گناھ شهرين جي جان و مال سان کيڏڻ وارن دهشت گردن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ٺوس ۽ عملي قدم کنيا وڃن. جناب الطاف حسين بم ڌماڪن ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.

7/17/2024 6:07:32 PM