Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نيلسن منڊيلا کان پوءِ ريجن ۾ جيڪڏهن ڪوئي وڏو ليڊر آهي ته اهو صرف جناب الطاف حسين آهي. سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم.


نيلسن منڊيلا کان پوءِ ريجن ۾ جيڪڏهن ڪوئي وڏو ليڊر آهي ته اهو صرف جناب الطاف حسين آهي. سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم.
 Posted on: 2/12/2015
نيلسن منڊيلا کان پوءِ ريجن ۾ جيڪڏهن ڪوئي وڏو ليڊر آهي ته اهو صرف جناب الطاف حسين آهي. سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم.
سانحه بلديه ٽائون جي جي آئي ٽي رپورٽ ۾ ان کان علاوه ڪجھ به نه آهي ته فلاڻي اهو چيو هو.
سانحه بلديه ٽائون تي جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي جو جوڊيشل ڪميشن ويهي چڪو هو.
ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 12 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته جناب الطاف حسين شيرين مزاري کان معافي ورتي ۽ وڏا ماڻهو پنهنجي وڏي پڻ جي ڪري معافي وٺڻ ۾ ڪوئي به عار محسوس نه ڪندا آهن، جناب الطاف حسين هڪ وڏا ليڊر آهن ۽ نيلسن ميڊيلا کان پوءِ ريجن ۾ جيڪڏهن ڪوئي وڏو ليڊر آهي ته اهو جناب الطاف حسين آهي. جڏهن ته سانحه بلديه ٽائون تي جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي جو جوڊيشل ڪميشن ويهي چڪو آهي ۽ ان جوڊيشل ڪميشن ۾ باقائده اهي رپورٽون ۽ شاهديون موجود آهن ته ڪهڙي طرح فيڪٽري ۾ شارٽ سرڪٽ ٿيو آهي جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.انهن خيالن جو اظهار انهن سينيٽ جي اليڪشن جي لاءِ حق پرست اميدوارن جا ڪاغذ َ جمع ڪرائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رئوف صديقي ۽ ٻيا به 
موجود هئا.بيرسٽر فروغ نسيم چيو ته سانحه بلديه ٽائون تي جي آئي ٽي رپورٽ هڪ پوليس رپورٽ آهي، پوليس رپورٽ ۽ جي آئي ٽيز جي لاءِ پاڪستان جو قانون اهو آهي ته ان جي ڪا به قابل قدر استدلالي حيثيت نه آهي. پر اها ٻڌڻي جي لائق آهي، اها پيش ٿيندي ۽ ان کي ان جي اهميت جي تناظر ۾ ڏٺو ويندو، پر جيڪڏهن اها رپورٽ اڍائي سالن کان پوءِ پيش ڪئي وڃي ته اها شي جي آئي ٽي جي لاءِ به نقصان ڏيندڙ آهي ۽ اها ان بنياد تي ئي خارج ٿي ويندي.انهن چيو ته سانحه بلديه ٽائون ۾ ان کان علاوه ڪجھ به نه آهي ته فلاڻي فلاڻي اهو چيو هو. انهن چيو ته سانحه بلديه ٽائون تي جسٽس رٽائرڊ زاهد قربان علوي جو جوڊيشل ڪميشن ويٺو هو ان ڪميشن ۾ باقائده اهي رپورٽون  ۽ شاهديون موجود آهن ته ڪهڙي طرح  اهو شارٽ سرڪٽ ٿيو هو، ته پوءِ ڇا اهو سڀ ڪجھ نظرانداز ٿي ويندو؟ انهن سوال ڪيو ته ڇا جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ تي پوليس جي جي آئي ٽي رپورٽ کي فوقيت حاصل ٿي سگهي ٿي؟ انهن چيو ته سانحه بلديه ٽائون تي اجايو هڪ سياسي جماعت عوام کي ڀڙڪائي رهي آهي ڇو ته اليڪٽوريل مينڊيٽ ته ايم ڪيو ايم وٽ آهي. انهن چيو ته اسد عمر ڪالھ چيو ته انهن جي ڀاءُ زبير عمر کان ڪنهن ايم ڪيو ايم واري ڀتو گهريو هو پر جڏهن زبير عمر کان پچيو ويو ته انهن چيو ته منهنجو ڀاءُ غلط ڳالهائي رهيو آهي انهن کي ياد ئي نه آهي، جيڪڏهن اهڙين بي بنياد ڳالهين تي ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل ٿيندو ته پوءِ عوام پاڻ به سمجهدار آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته اسد عمر صاحب جي خلاف اسان قانوني ڪاروائي ڪنداسين يا نه ان جو فيصلو پارٽي ڪندي. انهن چيو ته مان ته عمران خان يا ڪنهن ٻئي ليڊر کي معافي گهرندي نه ڏٺو آهي جڏهن ته انهن کان به غلطيون ٿينديون آهن.

7/17/2024 6:08:28 PM