اورنگي ٽائون ضياء ڪالوني ۾ ٽينڪر جي هيٺان اچي ڪري ٽن ٻارن جي هلاڪ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ 12 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اورنگي ٽائون ضياء ڪالوني ۾ ٽينڪر جي هيٺان اچي ڪري 3 ٻارن جي هلاڪت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڊرائيورن جي طرفان ٽريفڪ جي قانونن جي کليل خلاف ورزي ۽ تيز رفتاري جي ڪري خوفناڪ حادثن ۾ اضافو ۽ معصوم جانين جو ضياع وڏي ڳڻتي جي ڳالھ آهي. جنهن جي فوري خاتمي جي لاءِ ٽريفڪ قانونن تي عمل ڪرائڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. رابطا ڪميٽي هلاڪ ٿيندڙ ٻارن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.