Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪب آباد ۾ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


جيڪب آباد ۾ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 2/12/2015
جيڪب آباد ۾ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ۾ بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 12 فيبروري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جيڪب آباد جي ويجهو خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس ۾ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي مسافرن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ريل ۾ بم ڌماڪو ڪرڻ وارا دهشت گرد ملڪ و قوم جا کليل دشمن آهن. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته دهشت گردي جي خلاف جنگ کٽڻ جي لاءِ دهشت گردن سميت انهن جي سرپرستن ۽ مددگارن کي به عبرتناڪ انجام تائين پهچائڻ ناگزير ٿي چڪو آهي، رابطا ڪميٽي بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ۽ وزير اعلٰي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي ان بم ڌماڪي جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ ملڪ و قوم کي دهشت گردي جي عذاب کان نجات ڏيارين.

6/30/2024 9:23:30 AM