حضرت سچل سرمست جي سجاده نشين سخي قبول محمد فاروقي جي ٽيجهي ۾ ايم ڪيو ايم وفد جي شرڪت.
خيرپور؛ 11 فيبروري 2015
حضرت سچل سرمست جي سجاده نشين سخي قبول محمد فاروقي جي ٽيجهي ۾ ايم ڪيو ايم وفد سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر سيد فرزند علي شاھ، اشفاق منگي، خيرپور ۽ سکر جي زونل انچارجن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وفد سخي قبول محمد فاروقي مرحوم جي پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو.ان موقعي تي مرحوم جي پونئرن ايم ڪيو ايم جي وفد جي آمد جو ٿورو به مڃيو.ان کان پوءِ وفد حضرت سچل سرمست جي مزار شريف تي حاضري ڏني ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مزار شريف تي گلن جي چادر چڙهائي ۽ فاتحه خواني به ڪئي. ان موقعي تي وفد ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي، امن و امان جي قيام، شهيدن جي بلند درجات، اسير ڪارڪنن جي جلد رهائي، ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي ۽ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون ويون.