Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام ڪراچي ۾ هڪ ٻئي بلڊ بينڪ جو به آغاز ڪيو ويو.


خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام ڪراچي ۾ هڪ ٻئي بلڊ بينڪ جو به آغاز ڪيو ويو.
 Posted on: 2/11/2015
خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام ڪراچي ۾ هڪ ٻئي بلڊ بينڪ جو به آغاز ڪيو ويو.
خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام قائم ٿيل اسپتالن ۾ تمام گهٽ في تي غريب ۽ وچولي طبقي جو علاج ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي جو جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر نصرت.
ڪراچي پاڪستان جي معيشت ۾70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو جيڪڏهن ڪراچي کي نظرانداز ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو.ڊاڪٽر فاروق ستار.
خدمت خلق والنٽيئر سروس جو به آغاز ڪيو پيو وڃي جيڪو سڄي ملڪ ۾ وڌي چڙهي ڪري انسانيت جي خدمت ڪندو.قمر منصور.
ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊزيزز فيڊرل بي ايريا ۾ بلڊ بينڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب.
ڪراچي؛ 11 فيبروري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي فلاحي اداري خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف هارٽ ڊزيزز ۾ بلڊ بينڪ جو آغاز ڪيو ويو آهي. بلڊ بينڪ جو افتتاح ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبرن قمر منصور ۽ ڊاڪٽر فاورق ستار ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سينيٽر عبدالحسيب خان ۽ ٻيا به موجود هئا.ان موقعي تي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نصرت چيو ته ڪي ڪي ايف جي زيراهتمام قائم ڪيل اسپتالن، فارميسين ۽ بلڊ بينڪن ۾ تمام گهٽ في تي غريب ۽ وچولي طبقي جي خاندانن جو علاج ڪيو پيو وڃي ۽ جڏهن ته وڌيڪ غريب ماڻهن جي لاءِ مفت سهولتن جي فراهمي جو سلسلو به بغير ڪنهن فرق جي جاري آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار خطاب ڪندي چيو ته اها انساني تاريخ آهي ته انسانن ۾ هڪ طبقو ماڻهن جو رت چوسي ٿو ۽ جڏهن ته ٻيو طبقو پنهنجو رت ڏيئي ڪري انسانيت جي خدمت ڪري ٿو. انهن چيو ته بلڊ بينڪ قائم ڪرڻ جو مقصد به جناب الطاف حسين جي ويزن جي مطابق صرف ۽ صرف انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي. انهن چيو ته پاڪستان جي معيشت يا سياست جي خدمت هجي يا زلزلي يا سيلاب سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي خدمت هجي ان ۾ ڪراچي جي عوام جو ڪردار ڪنهن کان پوشيده نه آهي ۽ اهڙي طرح اڄ به پاڪستان جي بقا و سلامتي جي لاءِ وڙهي ويندڙ جنگ ضرب عضب ۾ اسان پاڪستاني فوج جي حمايت ڪئي آهي.انهن چيو ته اسان حڪمرانن کي هميشه کان اهو ياد ڏياريندا پيا اچون ته ڪراچي پاڪستان جي معيشت ۾ 70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو پر جيڪڏهن هن شهر کي نظر انداز ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ مثبت تبديلي جي خواهش مند آهي ۽ علم جي روشني کي به عام ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن ملڪ کي عالمي سطح تي ترقي يافته ملڪ بڻائي سگهجي.رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور چيو ته جناب الطاف حسين سياسي جماعت قائم ڪرڻ کان اڳ خدمت خلق جو آغاز ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ڪي ڪي ايف والنٽيئر سروس جو آغاز ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ فائر فائٽرز ۽ ريسڪيو جو اسٽاف به وڌي چڙهي ڪري انسانيت جي خدمت ڪندو.ان موقعي تي حق پرست سينيٽر عبدالحسيب خان، سنڌ اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر صغير احمد، وقار ڪاظمي، ڊپٽي چيف ٽرسٽي ڪي ڪي ايف احمد علي ۽ چيف پيٿولوجسٽ ڪي ڪي ايف پروفيسر صابر به خطاب ڪيو.

7/17/2024 6:14:10 PM