Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

برطانيه ۾ مقيم پاڪستانين کي پاڪستان جي ويزن ۽ شناختي ڪارڊن جي حصول ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


برطانيه ۾ مقيم پاڪستانين کي پاڪستان جي ويزن ۽ شناختي ڪارڊن جي حصول ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/11/2015
برطانيه ۾ مقيم پاڪستانين کي پاڪستان جي ويزن ۽ شناختي ڪارڊن جي حصول ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ويزن کي جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيري سروس جو سلسلو ختم ڪري هائي ڪميشن ۽ قائونصليٽن مان سڌي ريت ويزا جاري ڪيا وڃن ۽ ويزن ۽ شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ تاخيري حربا ختم ڪيا وڃن.
ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ برطانيه ۾ آباد ڪشميري برادري سان تعلق رکندڙ وفد سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 11 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته برطانيه ۾ مقيم پاڪستانين کي پاڪستان جي ويزن ۽ شناختي ڪارڊن جي حصول ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ برطانيه ۾ آباد ڪشميري برادري سان تعلق رکندڙ وفد سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي. وفد جي قيادت شيفيلڊ جي ڪشميري برادري جو رهنما منشاخان ڪري رهيو هو.وفد جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته برطانيه جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ڪشميري برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پاڪستان جا ويزا پهرين هائي ڪميشن ۽ پاڪستاني قائونسليٽ کان سنوان سڌا جاري ڪيا ويندا هئا، پر ڪجھ وقت کان برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ويزن جي حصول جي لاءِ جيري سروس سان رابطو ڪرڻو پوي ٿو. ان سروس جي ڪري ويزن جي حصول ۾ نه صرف ڪيترن ئي مهينن جي غير ضروري دير ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو پر ويزي جي في ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي، جناب الطاف حسين برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ڪشميري برادري کي ويزن ۽ شناختي ڪارڊن جي حصول ۾ پيش ايندڙ تڪليفن ۽ رڪاوٽن تي وڏي افسوس جو اظهار ڪندي پاڪستان جي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ويزن جي اجراء جي سلسلي ۾ جيري سروس جو سلسلو ختم ڪري هائي ڪميشن ۽ قائونسليٽ کان سنوان سڌا ويزا جاري ڪيا وڃن ۽ ويزن ۽ شناختي ڪارڊن جي جاري ڪرڻ ۾ تاخيري حربا ختم ڪيا وڃن. 

6/30/2024 9:21:49 AM