ساله شاگرد حارث منظور جو گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ نالو شامل ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي مبارڪباد پيش.
لنڊن؛ 7 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين راولپنڊي جي رهائشي 9 ساله شاگرد حارث منظور کي او ليول جي امتحان ۾ ڪيمرج يونيورسٽي جو 804 ساله ريکارڊ ٽوڙڻ ۽ گنيز بڪ آف ورلڊ ۾ نالو شامل ٿيڻ تي حارث منظور ۽ انهن جي والدين کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حارث منظور نه صرف پنهنجو، پنهنجي والدين بلڪه پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو آهي. انهن فرمايو ته حارث منظور ننڍڙي عمر ۾ ئي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن سچي لگن سان محنت ڪئي وڃي ته ڪنهن به ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ناممڪن نه آهي.