Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه بلديه ٽائون ۾ ملوث وحشي صفت شخص رضوان قريشي جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


سانحه بلديه ٽائون ۾ ملوث وحشي صفت شخص رضوان قريشي جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 2/7/2015 1
سانحه بلديه ٽائون ۾ ملوث وحشي صفت شخص رضوان قريشي جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم ۾ دهشت گردن، ڀتا خورن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ“ زيرو ٽو ليرنس” آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 7 فيبروري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته سانحه بلديه ٽائون ۾ ملوث وحشي صفت شخص جو ايم ڪيو ايم سان ڪوئي به تعلق نه آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي ان ڳالھ جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته رضوان قريشي نالي شخص جنهن جي باري ۾ميڊيا ۾ اهي اطلاعون اچي رهيون آهن ته مذڪوره شخص بلديه ٽائون جي فيڪٽري ۾ باھ لڳائڻ ۾ ملوث آهي. پر ان شخص جو ايم ڪيو ايم سان پري پري تائين ڪوئي به تعلق نه آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته پهرين ڳالھ ته اها آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي تعداد لکن ۾ آهي. ان جي صفن ۾ ڪوئي به داخل ٿي ڪري پنهنجي پاڻ کي ڪارڪن ظاهر ڪري سگهي ٿو پر ٻئي طرف ايم ڪيو ايم ۾ دهشت گردن، ڀتا خورن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ “زيرو ٽوليرنس” آهي. رابطا ڪميٽي ميڊيا جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته اهي ايم ڪيو ايم جي ان واضع ترديد کان پوءِ اهڙي ظالم، وحشي ۽ ڏوهاري ماڻهو کي ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن نه لکن. رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سانحه بلديه ٽائون ۾ ملوث وحشي شخص کي آئين ۽ قانون جي مطابق بلديه ٽائون جي چوڪ تي ڦاهي چاڙهيو وڃي.

7/17/2024 6:11:18 PM