ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر عظيم فاروقي کي رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي .
ڪراچي؛ 7 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي اسڪروٽني ڪميٽي وڌيڪ ٻن نالن کي ڪليئر قرار ڏيئي ڇڏيو آهي جن ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر عظيم فاروقي شامل آهن. رابطا ڪميٽي اسڪروٽني ڪميٽي جي فيصلي سان اتفاق ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شپ بحال ڪرڻ ۽ عظيم فاروقي کي رابطا ڪميٽي جي ميمبر جي حيثيت سان رابطا ڪميٽي ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.واضع رهي ته ٻئي ميمبر تحريڪ جا انتهائي سينيئر ميمبر آهن. جناب االطاف حسين اسڪروٽني ڪميٽي ۽ رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.