مسئله ڪشمير ڪشميري عوام جي خواهشن جي مطابق حل ٿيڻ گهرجي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 4 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مسئله ڪشمير ڪشميري عوام جي خواهشن جي مطابق حل ٿيڻ گهرجي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته حق خود اراديت جو حصول ڪشميري عوام جو بنيادي حق آهي ۽ انهن کي اهو حق ملڻ گهرجي. ان حق جي حصول جي لاءِ مقبوضه ڪشمير جي عوام وڏي پيماني تي جاني قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ تائين ڏيئي رهيا آهن. انهن ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته حق خود اراديت جي لاءِ مقبوضه ڪشمير جي عوام جون قربانيون ضرور رنگ لائينديون. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي پنهنجي حق جي جدوجهد ۾ شهيد ٿيندڙ ڪشميرين جي قربانين کي قبول فرمائي ۽ انهن کي قربانين جو بدلو ڏيئي.آمين.