حق پرست سينيٽر شيراله ملڪ جي ڀيڻ جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 25 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست سينيٽر شيراله ملڪ جي ڀيڻ بيگم حاجي فريد الدين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقان عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي به شيراله ملڪ جي ڀيڻ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ پونئرن جي لاءِ دعا ڪئي آهي.