Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جماعت اسلامي جي اهم رهنمائن القائده ۽ طالبان دهشت گردن کي پنهنجن گهرن ۾ پناھ ڏني.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


جماعت اسلامي جي اهم رهنمائن القائده ۽ طالبان دهشت گردن کي پنهنجن گهرن ۾ پناھ ڏني.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 1/25/2015
جماعت اسلامي جي اهم رهنمائن القائده ۽ طالبان دهشت گردن کي پنهنجن گهرن ۾ پناھ ڏني.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
طالبان دهشت گردن جي طرفان جماعت اسلامي جي رهنما پروفيسر ابراهيم جو نالو مذاڪراتي ٽيم ۾ ڏنو هو هو.جماعت اسلامي جي امير جي بيان تي رابطا ڪميٽي جو تبصرو.
ڪراچي؛ 25 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته پاڻ کي اسلام جو ٺيڪيدار سمجهڻ واري جماعت اسلامي جواب ڏيئي ته ڪراچي ۽ ملڪ ۾ پرتشدد مظاهرا ڪرڻ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ڪهڙي شريعت آهي؟ رابطا ڪميٽي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته فرانس جو سفارتخانو اسلام آباد ۾ آهي، جڏهن مختلف شهرن ۾ ان جا قونصل خانا آهن پر جماعت اسلامي اتي احتجاج نه ڪيو بلڪه صرف ڪراچي ۾ پرتشدد مظاهرا ڪيا.رابطا ڪميٽي چيو ته جماعت اسلامي اسلام جو نالو وٺي ڪري هزارين پاڪستانين کي افغان جهاد جي نالي تي قتل ڪرايو ۽ پوري دنيا ڄاڻي ٿي ته ان جي اهم رهنمائن ۽ ڪارڪنن نه صرف القائده ۽ طالبان دهشت گردن کي پنهنجن گهرن ۾ پناھ ڏني پر ڊرون حملن ۾ جماعت اسلامي جي ٿنڊر اسڪواڊ جا ڪيترائي دهشت گرد به ماريا ويا آهن.جڏهن ته ڊرون حملن ۾ مرندڙ ڪيترن ئي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن جي غائبانه جنازي نماز به پڙهائي وئي آهيرابطا ڪميٽي چيو ته جماعت اسلامي جي قتال في سبيل الله جي تعليمات جي ڪري مهران ايئر بيس حملو، جي ايڇ ڪيو، سريلنڪن ٽيم تي حملو ايئر پورٽ تي حملو ۽ سانحه پشاور کان علاوه ڪيترائي واقعا ٿيا.رابطا ڪميٽي ان کان علاوه جماعت اسلامي قائد اعظم کي قائد اعظم قرار ڏيئي چڪي آهي. رابطا ڪميٽي چيو انهن ڳالهين ورجائڻ جو مقصد جماعت اسلامي جو اصل چهرو عوام جي سامهون آڻڻ آهي.

7/17/2024 11:54:29 PM