Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پشاور پريس ڪلب ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جو چاليهو.رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.


ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پشاور پريس ڪلب ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جو چاليهو.رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
 Posted on: 1/26/2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پشاور پريس ڪلب ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جو چاليهو.رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
پشاور؛ 26 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام پشاور پريس ڪلب ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جي چاليهي جو اجتماع منعقد ٿيو. جنهن ۾ شهيدن جي پونئرن، رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم آفريدي، قومي اسيمبلي جي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ رشيد گوڏيل ،صدر ڪي پي ڪي بيرسٽر محمد علي سيف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته سانحه پشاور انساني تاريخ جو وڏو سانحو آهي ۽ ان ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارڙن پنهنجي وطن جي خاطر پنهنجي جان قربان ڪئي آهي.انهن چيو ته ملڪ کي دهشت گردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ هاڻي صرف ڪانفرنسن ۽ بيانن سان ڪم نه هلندو بلڪه اسان کي هڪ مظبوط حڪمت عملي به ٺاهڻي پوندي، ملڪ کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ مقامي حڪومتن ۽ ڪميونٽي پوليس جو نظام قائم ڪرڻو پوندو. انهن چيو ته دهشت گردن کان نڀرڻ جي لاءِ عوام کي ميدان ۾ اچڻو پوندو ۽ پنهنجين گهٽين ، پاڙن ۽ اسڪولن ۾ چوڪيداري نظام نافذ ڪرڻو پوندو.انهن چيو ته دهشت گردي جي خلاف جنگ کٽڻ جي لاءِ اسان کي ملڪ ۾ موجود دهشت گردن ۽ انهن جي حمايتي جماعتن ۽ فرقي واريت تي ٻڌل ڇڙ ڏياريندڙ تقريرن ۽ انتها پسندي جو مڪمل خاتمو ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن اهي قدم نه کنيا ويا ته انهن ٻارڙن جون قربانيون رائيگان هليون وينديون.ڊاڪٽر فاروق ستار وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها سانحه پشاور ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارڙن ۽ استادن کي فوجي اعزازن سان نوازڻ جو اعلان ڪري ۽ انهن کي نشان حيدر به ڏيڻ جو اعلان ڪري، جڏهن ته 30 سالن کان بهادري سان دهشت گردي جو مقابلو ڪرڻ تي ڪي پي ڪي خصوصن پشاور جي باهمت عوام کي به ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو وڃي. ان موقعي تي شهيد ٿيندڙ ٻارڙن جي پونئرن طالبان دهشت گردن جي خلاف جناب الطاف حسين جي ڪاوشن ۽ سانحه پشاور جي شهيدن کي نشان حيدر ڏيڻ جي مطالبي جو خير مقدم به ڪيو.

7/17/2024 11:14:17 PM