Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پاپوش نگر ۾ پوليس اهلڪار جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.


ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پاپوش نگر ۾ پوليس اهلڪار جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
 Posted on: 1/26/2015
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان پاپوش نگر ۾ پوليس اهلڪار جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ڪراچي؛ 26 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاپوش نگر ۾ دهشت گردن جي فائرنگ سان پوليس اهلڪار جي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ روزانو دهشت گرد عام شهرين، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، پوليس ۽ رينجر جي اهلڪارن، واپارين ،ڊاڪٽرن ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکڻ وارن پروفيشنل ماڻهن کي کلي عام قتل ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت ان دهشت گردي کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ۽ دهشت گردن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سنڌ حڪومت پوليس اهلڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڏنل  بلٽ پروف گاڏين ۽ بلٽ پروف جيڪيٽن ۾ به ڪرپشن ڪري رهي آهي.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ جاري قتل عام ۽ ان تي سنڌ حڪومت جي بي حسي جو نوٽس وٺي ڪري عام شهرين جي تحفظ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن.

6/30/2024 11:17:52 AM