Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جماعت اسلامي مختلف هٿڪنڊن ۽ بيانن سان قوم جي توجه آپريشن ضرب عضب کان هٽائڻ چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


جماعت اسلامي مختلف هٿڪنڊن ۽ بيانن سان قوم جي توجه آپريشن ضرب عضب کان هٽائڻ چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 1/26/2015
جماعت اسلامي مختلف هٿڪنڊن ۽ بيانن سان قوم جي توجه آپريشن ضرب عضب کان هٽائڻ چاهي ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ايم ڪيو ايم هميشه قوم کي جماعت اسلامي جي منافقت واري سياست ۽ ملڪ دشمني کان آگاھ ڪيو آهي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 26 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته جماعت اسلامي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي جي شهرين کي مختلف هٿڪنڊن ۽ بيانن جي ذريعي وڇڙائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ قوم جي توجه طالبان دهشت گردن جي خلاف جاري آپريشن ضرب عضب کان هٽائڻ چاهي ٿي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جماعت اسلامي جا پاڪستان دشمني تي ٻڌل بيان پوري قوم جي سامهون آهن ۽ سڀ ڄاڻين ٿا ته 80 واري ڏهاڪي ۾ ڪهڙي طرح جماعت اسلامي پاڪستان جي معصوم شهرين کي افغان جهاد جي باھ ۾ جهونڪي ڇڏيو هو ۽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي گهٽين ۾ مجاهدن جي ڀرتي جي لاءِ ڪيمپ لڳائي ڪري نوجوانن کي ڀڙڪايو هو جنهن جا نتيجا اڄ تائين قوم ڀوڳي رهي آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته جماعت اسلامي جي سرپرستي ۾ ڪراچي ۾ اڄ به اهڙيون مسجدون ۽ مدرسا آهن جن کي جماعت اسلامي دهشت گردي ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه قوم کي جماعت اسلامي جي منافقانه سياست ۽ ملڪ دشمني کان آگاھ ڪيو آهي ته جيئن قوم ان کان هوشيار رهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي جماعت اسلامي سميت طالبان جي ٻين حمايتي سياسي و مذهبي جماعتن جي طرفان معصوم شهرين کي نام نهاد جهاد جي نالي تي دهشت گردي جي باھ ۾ جهونڪڻ جو نوٽس وٺن ۽ اهڙين جماعتن جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي ڇو ته اهي ئي جماعتون القائده، طالبان ۽ داعش جي مدد به ڪري رهيون آهن.

6/30/2024 11:18:21 AM