پاڪستان ٽيليويزن جي سينيئر پروڊيوسر رفعت همايون جي نوجوان پٽ جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي؛ 27 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن جي سينيئر پروڊيوسر رفعت همايون جي نوجوان پٽ جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.