Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن غير قانوني چاپن جي دوران گهرن جي چار ديواري جو تقدس پامال ڪيو آهي ۽ معصوم شهرين جون بغير ڪنهن جواز جي گرفتاريون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.

 Posted on: 1/27/2015

ڪراچي؛ 27 جنوري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ملير لياقت ڪالوني ۾ ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن جي طرفان گذريل رات چاپي جي دوران گهرن جي چار ديواري جو تقدس پامال ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن جي طرفان غير قانوني چاپن جي دوران گهرن جي چار ديواري جو تقدس پامال ڪيو وڃڻ ۽ شهرين کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪرڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ساده لباس ۾ ملبوس پوليس جون ٽيمون شهرين کي گرفتار ڪري رهيون آهن ۽ ماڻهن تي سخت تشدد ڪري انهن کان نه ڪيل گناهن جو به اعتراف ڪرائي رهيون آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي پوليس جو چيف پي پي جو ترجمان بڻيل آهي، نصير الله بابر دور ۾ پوليس کي بڪتر بند گاڏيون ۽ بلٽ پروف جيڪٽون به غيرمعياري فراهم ڪيون ويون هيون ۽ پوليس جي وردين ۾ پوليس جي گاڏين جو استعمال گينگ وار جا ماڻهو ڪندا آيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته پوليس وارا نشي ۾ چور ٿي ڪري رشوت طلب ڪرڻ جي لاءِ گهرن جا دروازا ڀڃي رهيا آهن ۽ خاص طور تي اردو ڳالهائڻ وارن نوجوانن کي مخلتف علائقن کان گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ پوءِ انهن تي سخت تشدد ڪري ماورائي عدالت قتل به ڪيو پيو وڃي.رابطا ڪميٽي چيو ته ملير ۾ شهرين جي گرفتاري جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ پوليس گردي جو نوٽس وٺن ۽ عام شهرين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين ۽ انهن کان لکين روپيا رشوت وٺڻ جو سلسلو فوري طور تي بند ڪرائين.

6/30/2024 11:22:19 AM