Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

احمد چناءِ پنهنجي گهر تي رينجر جي چاپي جي حوالي سان پنهنجو موقف هڪ دم تبديل ڪري پنهنجي پاڻ کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان ايم ڪيو ايم.


احمد چناءِ پنهنجي گهر تي رينجر جي چاپي جي حوالي سان پنهنجو موقف هڪ دم تبديل ڪري پنهنجي پاڻ کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان ايم ڪيو ايم.
 Posted on: 1/27/2015
احمد چناءِ پنهنجي گهر تي رينجر جي چاپي جي حوالي سان پنهنجو موقف هڪ دم تبديل ڪري پنهنجي پاڻ کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان ايم ڪيو ايم.
جيڪڏهن ممتاز شهرين جي طرفان اهڙي طرح ئي زيادتين جي باوجود خوف جو مظاهرو ڪيو ويندو رهيو ته دنيا کي اصل حقيقتن کان ڪهڙي طرح آگاھ ڪري سگهجي ٿو؟
سي پي ايل سي جي سربراھ احمد چناءِ جي پريس ڪانفرنس تي ايم ڪيو ايم جي ترجمان جو تبصرو.
لنڊن؛ 27 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي ترجمان سي پي ايل سي جي چيئرمين احمد چناءِ جي پريس ڪانفرنس تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته احمد چناءِ پنهنجي گهر تي رينجر جي چاپي جي حوالي سان پنهنجو موقف هڪ دم تبديل ڪري ورتو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان احمد چناءِ کي مخاطب ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم اوهان جهڙن شريفن تي ڪيل زيادتين ۽ ناانصافين تي کلي ڪري آواز اٿاري پر اوهان اڻ ڄاتل سببن ۽ ڊڄي ڪري انهن سمورن بيانن کي تبديل ڪري ورتو جيڪي اوهان مختلف اخبارن جي نمائندن کي ڏنا هئا.ايستائين جو اوهان اهو به چيو ته اوهان پنهنجي پريس 
ڪانفرنس ۾ ان سازش جي پويان لڪيل ماڻهن کي بي نقاب ڪندو. ترجمان چيو ته اسان کي وڏي افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته احمد چناءِ پنهنجي موقف کي هڪ دم تبديل ڪري پنهنجي پاڻ کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. بهتر هو ته احمد چناءِ پريس ڪانفرنس ئي نه ڪن ها ۽ جيڪڏهن ڪن ها ته ان ۾ حقيقتون بيان ڪن ها ۽ احتجاجن پنهنجي عهدي تان اسٽعيفٰي ڏيڻ جو به اعلان ڪن ها. ترجمان چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا سمورا صحافي گواھ آهن ته پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي احمد چناءِ جي زبان انهن جو ساٿ نه ڏيئي رهي هئي.ترجمان چيو ته جيڪڏهن ممتاز شهرين جي طرفان اهڙي طرح  زيادتين ۽ ناانصافين جي باوجود خوف جو مظاهرو ڪيو ويندو رهيو ۽ مصلحت پسندي کان ڪم وٺندي ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا ته دنيا کي اصل حقيقتن کان ڪهڙي طرح آگاھ ڪري سگهجي ٿو؟ ۽ امن و امان جي قيام جي لاءِ ڪيتريون ئي سي پي ايل ايس ڇو نه بڻائڻ انهن جي بڻائڻ جو ڪوئي به فائدو نه هوندو.

7/17/2024 11:44:18 PM