Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائم علي شاھ جي طرفان شهيدن جي پونئرن جي احتجاجي ڌرڻي کي حملو قرار ڏيڻ وڏي شرمناڪ ڳالھ ئي نه بلڪه شهيدن جي پونئرن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


قائم علي شاھ جي طرفان شهيدن جي پونئرن جي احتجاجي ڌرڻي کي حملو قرار ڏيڻ وڏي شرمناڪ ڳالھ ئي نه بلڪه شهيدن جي پونئرن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 1/27/2015
قائم علي شاھ جي طرفان شهيدن جي پونئرن جي احتجاجي ڌرڻي کي حملو قرار ڏيڻ وڏي شرمناڪ ڳالھ ئي نه بلڪه شهيدن جي پونئرن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
قائم علي شاھ اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير ۾ پوليس جي ظلمن جي ڀرپور حمايت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جا قتل انهن جي مرضي تي ڪيا پيا وڃن.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 27 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي هائوس تي ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي پونئرن جي احتجاجي ڌرڻي کي قائم علي شاھ جي طرفان حملو قرار ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته وزير اعلٰي جو اهو بيان وڏو شرمناڪ ئي نه بلڪه پوليس جي هٿان ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي پونئرن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر به آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪنن جي سوگوار پونئرن پوليس جي طرفان ماورائي عدالت قتل لاش سان گڏ وزير اعلٰي هائوس تي پرامن ڌرڻو هنيو هو. سڄي رات ڌرڻو جاري رهيو جنهن ۾ شهيدن جا پونئر روئيندا رهيا ۽ انصاف جي لاءِ ٻاڏائيندا رهيا ۽ ان آس ۾ ويٺا رهيا ته وزير اعلٰي اچي ڪري انهن جي مٿن تي هٿ رکندو ۽ انصاف ڪندو. پر نه وزير 
اعلٰي آيو ۽ نه ئي ڪو ان واقعي جو نوٽس ورتو ويو. رابطا ڪميٽي چيو ته قائم علي شاھ جي طرفان پنهنجي ان رويي تي شرمنده ٿيڻ جي بجاءِ اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ ان ڌرڻي کي حملو قرار ڏنو جيڪا وڏي شرمناڪ ڳالھ آهي. رابطا ڪميٽي قائم علي شاھ کان سوال ڪيو ته اهو ڪهڙو حملو هو جو ان دوران وزير اعلٰي هائوس کي هڪ پٿري به نه هنئي وئي؟ اهو ڪهڙو حملو هو جو ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهو پنهنجن ڪلهن تي هٿيارن جي بجاءِ جنازي کڻي آيا هئا.رابطا ڪميٽي چيو ته قائم علي شاھ کي پنهنجي ان شرمناڪ بيان تي شهيدن جي پونئرن کان معافي وٺڻ گهرجي.رابطا ڪميٽي چيو ته قائم علي شاھ اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير ۾ پوليس جي ظلمن جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پوليس جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻهن جو ماورائي عدالت قتل ۽ سرڪاري حراست ۾ تشدد ۽ ظلم جا سمورا واقعا وزير اعلٰي جي مرضي تي ٿي رهيا آهن.

6/30/2024 11:23:03 AM