Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

الطاف حسين يونيورسٽي ڪنهن هڪ طبقي يا زبان ڳالهائڻ واري جي لاءِ نه پر حيدرآباد جي سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هوندي ڀلي اهي ڪهڙي به زبان ڳالهائيندا هجن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


الطاف حسين يونيورسٽي ڪنهن هڪ طبقي يا زبان ڳالهائڻ واري جي لاءِ نه پر حيدرآباد جي سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هوندي ڀلي اهي ڪهڙي به زبان ڳالهائيندا هجن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/28/2015
الطاف حسين يونيورسٽي ڪنهن هڪ طبقي يا زبان ڳالهائڻ واري جي لاءِ نه پر حيدرآباد جي سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هوندي ڀلي اهي ڪهڙي به زبان ڳالهائيندا هجن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي زونل آفيس تي زون جي ذميوارن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 28 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته الطاف حسين يونيورسٽي ڪنهن هڪ طبقي يا زبان ڳالهائڻ واري جي لاءِ نه پر سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ هوندي ڀلي انهن جو تعلق ڪهڙي به زبان ڳالهائڻ وارن سان ڇو نه هجي. اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم حيدرآباد زون جي ذميوارن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي.انهن فرمايو ته اعلٰي تعليم جو حصول هر ماڻهو جو حق آهي ۽ ڪنهن به طبقي سان تعلق رکندڙ شاگرد کي ان حق کان محروم رکڻ وڏي زيادتي آهي. انهن فرمايو ته جيتوڻيڪ ڪجھ تعصب پرستن حيدرآباد شهر ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي هئي  پر اڄ هڪ پرائيويٽ اداري جي زير اهتمام يونيورسٽي قائم پئي ٿئي. ان ۾ ڪنهن به زبان يا قوم سان تعلق رکندڙ ماڻهو تي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪائي به پابندي نه هوندي. بلڪه جيڪو به ميرٽ تي پورو لهندو اهو داخلا  وٺي سگهندو. انهن فرمايو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جو قيام حيدرآباد جي شهرين جو ڪيترن ئي سالن کان پراڻو مطالبو ۽ خواهش هئي ۽ اها ڳالھ تمام سٺي آهي ته هاڻي شهر ۾ يونيورسٽي جو بنياد رکيو پيو وڃي ۽ ان تي شهر جي عوام جي خوشي فطري ڳالھ آهي. ان موقعي تي زونل ڪميٽي جي ميمبرن جناب الطاف حسين کي ٻڌايو ته حيدرآباد يونيورسٽي جي سنگ بنياد رکڻ جو ڏينهن ويجهو ايندي ئي شهر جي عوام ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي آهي. 

7/17/2024 11:51:38 PM