Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سهيل احمد جي ماورائي عدالت قتل ۽ ظالم بي حس حڪمرانن جي خلاف 29 جنوري بروز خميس تي سڄي سنڌ ۾ پرامن شٽر ڊائون هڙتال


سهيل احمد جي ماورائي عدالت قتل ۽ ظالم بي حس حڪمرانن جي خلاف 29 جنوري بروز خميس تي سڄي سنڌ ۾ پرامن شٽر ڊائون هڙتال
 Posted on: 1/28/2015
سهيل احمد جي ماورائي عدالت قتل ۽ ظالم بي حس حڪمرانن جي خلاف 29 جنوري بروز خميس تي سڄي سنڌ ۾ پرامن شٽر ڊائون هڙتال ٿيندي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي گڏيل اجلاس ۾ فيصلو.
واپاري، ٽرانسپورٽر حضرات ، دڪاندار ۽ عوام پنهنجو ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رکن.رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي شٽر ڊائون هڙتال جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي .
ڪراچي؛ 28 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو هڪ گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 64 جي انچارج سهيل احمد جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته بهادر آباد ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ کليل ڪچهري منعقد ٿي هئي جنهن ۾ پي پي جي علاقائي بدمعاشن ۽ اتي موجود پوليس  آفيسرن سهيل احمد جي طرفان سوال جواب ڪرڻ تي انهن سان منهن ماري ڪئي ۽ انهن کي زبردستي خاموش رهڻ جي تلقين به ڪئي هئي ان دوران پي پي جي مقامي رهنما سعيد چاوله سهيل احمد کي ڌمڪي ڏني ته اسان توهان کي ڏسي وٺنداسين ۽ انهي رات 15 ڊسمبر تي سهيل احمد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اڄ 28 هين جنوري تي انهن جي مواڇ ڳوٺ مان وڏي بري حالت ۾ لاش ملي آهي. اسان پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ بيان به ڏنا پر سهيل احمد جي باري ۾ اسان کي ڪجھ به نه 
ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پي پي جي مقامي رهنما، پوليس ۽ رينجر جا جيڪي اعلٰي آفيسر ان واقعي ۾ ملوث آهن انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي.رابطا ڪميٽي اجلاس ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم ڏکين ۽ هنگامي حالتن ۾ هر جڳھ تي پهچي ٿي ۽ عوام جي حقن جي لاءِ وڙهندي رهي آهي ۽ انهي عوامي طاقت کي رياستي طاقت سان ڌٻائڻ جي لاءِ جهڙي طرح ماضي ۾ ڪوششون ڪامياب نه ٿيون انشاء الله تعالٰي اڄ به اهي سازشون ناڪام ٿينديون.اجلاس ۾ چيو ويو ته جڏهن به ڪو خوشي جو موقعو اچي ٿو جهڙوڪ هن وقت حيدرآباد يونيورسٽي جي سنگ بنياد جي خوشي ۾ پورو حيدرآباد ٻاهر نڪتل آهي ان جي ڪري اهڙا واقعا ڪرڻ اسٽيبلشمينٽ جي پراڻي روايت آهي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته چيف جسٽس آف پاڪستان هن واقعي جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ ماورائي عدالت قتلن جو سلسلو بند ڪرائين. رابطا ڪميٽي پنهنجي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته 29 هين جنوري بروز خميس تي سڄي سنڌ ۾ پرامن شٽر ڊائون هڙتال ٿيندي.رابطا ڪميٽي ٽرانسپورٽرن، واپارين،دڪاندارن ۽ عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجو ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي بند رکن.ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي شٽر ڊائون هڙتال جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. 

6/30/2024 11:22:03 AM