Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 64 جي يونٽ انچارج سهيل احمد جي ماورائي عدالت قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


ايم ڪيو ايم سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 64 جي يونٽ انچارج سهيل احمد جي ماورائي عدالت قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/28/2015
ايم ڪيو ايم سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 64 جي يونٽ انچارج سهيل احمد جي ماورائي عدالت قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
سهيل احمد سميت ماورائي عدالت ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي تعداد 36 ٿي وئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 28 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ساده لباس ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن جي طرفان گرفتاري کان پوءِ ايم ڪيو ايم سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 64 جي يونٽ انچارج سهيل احمد ولد احمد عثماني جي ماورائي عدالت قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ شهيد جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سهيل احمد سميت ماروائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي تعداد 36 ٿي وئي آهي.جڏهن ته درجنين ڪارڪن گرفتارين کان پوءِ لاپتا به آهن. انهن فرمايو ته شهر ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ دهشت گردن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي خاتمي جي بجاءِ پوليس، رينجر ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪجھ آفيسرن، اهلڪارن ۽ سنڌ حڪومت ملي ڀڳت ڪري ايم ڪيو ايم کي پنهنجو هدف بڻايو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن سهيل احمد جي ماورائي عدالت قتل تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آئي ايس آئي جنرل رضوان اختر ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته سهيل احمد جي سرڪاري حراست ۾ ماورائي عدالت قتل جي واقعي جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ ان ۾ ملوث عناصر جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.

7/17/2024 11:41:57 PM