Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ وسندڙ شهرين جي جان جي اهميت سنڌ حڪومت جي لاءِ صرف هڪ بيان کان وڌيڪ ڪجھ به نه آهي.


ڪراچي ۾ وسندڙ شهرين جي جان جي اهميت سنڌ حڪومت جي لاءِ صرف هڪ بيان کان وڌيڪ ڪجھ به نه آهي.
 Posted on: 2/3/2015 1
ڪراچي ۾ وسندڙ شهرين جي جان جي اهميت سنڌ حڪومت جي لاءِ صرف هڪ بيان کان وڌيڪ ڪجھ به نه آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.ڪراچي جا شهري هنگامي بنيادن تي نائبر هڊ واچ  وانگر محله ڪميٽيون بڻائي ڪري پنهنجي تحفظ جو بندوبست ڪن. رابطا ڪميٽي جي اپيل.
ڪراچي؛ 3 فيبروري 2015 
    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ اسڪولن تي دستي بم حملن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسڪولن تي دستي بم حملن شهرين خصوصن والدين کي وڏي  پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين گذريل ڏهن سالن کان ڪراچي ۾ طالبان جي وڌندڙ سرگرمين کان قوم کي آگاھ ڪندا رهيا هئا پر حڪمرانن پنهنجي گهٽ عقلي جي ڪري جناب الطاف حسين جي بيانن کي کل جوڳو قرار ڏنو هو پر وقت ثابت ڪري ڇڏيو ته جناب الطاف حسين پنهنجن بيانن ۾ سچا هئا. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين هڪ وقت کان ڪراچي جي شهرين کي اپيل ڪندا پيا اچن ته اهي پنهنجن پاڙن، گهٽين، مسجدن، امام بارگاهن ۽ اسڪولن کي دهشت گردن کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت واچ نيبرهڊ وانگر حفاظتي ڪميٽيون تشڪيل ڏين ته جيئن طالبان دهشت گردن کان پنهنجو تحفظ ڪري سگهجي.جڏهن ته جناب الطاف حسين سنڌ حڪومت کان به بار بار اهي 

اپيلون ڪري چڪا آهن ته اها محله ڪميٽين جي قيام جي لاءِ شهرين کي رهنمائي ۽ تعاون فراهم ڪري.رابطا ڪميٽي ڪراچي جي شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي هنگامي بنيادن تي پنهنجن پاڙن، گهٽين ۽ بازارن ۽ اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ واچ نيبرهڊ وانگر محله ڪميٽيون تشڪيل ڏين. رابطا ڪميٽي حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي چيو ته اهي ان سلسلي ۾ عوام جي رهنمائي ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي مشڪوڪ سرگرمي يا ماڻهو جي اطلاع فوري طور تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي ڏين.رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته اها ڪراچي ۾ اسڪولن کي ڏنل دهشت گردن جي ڌمڪين جو سختي سان نوٽس وٺي ڪري شهر جي اسڪولن کي فوري طور تي تحفظ فراهم ڪري ۽ اسڪولن ۾ استادن کي سول ڊفينس ۽ هٿيار هلائڻ جي تربيت فراهم ڪري جڏهن ته محله ڪميٽين کي رجسٽر ڪري ۽ محله ڪميٽين ۽ استادن کي هٿيارن جا لائيسنس به فراهم ڪيا وڃن.

6/30/2024 9:22:18 AM