Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جي معاهدي ۾ توسيع نه ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جي معاهدي ۾ توسيع نه ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 2/3/2015 1

ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي جي معاهدي ۾ توسيع نه ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛ 3 فيبروري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت جي طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ جي معاهدي ۾ توسيع نه ڪرڻ جي اقدام تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي جيڪو پوري ملڪ کي 75 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو، ان جي ڪري هجڻ ته ائين گهرجي ها ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي کي 1000 هزار ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري ها پر 1000 ميگاواٽ ته ٺهيو 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندي به وفاقي حڪومت لنوائي رهي آهي جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالھ آهي، رابطا ڪميٽي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها ملڪ جي معيشت ۾ ڪراچي جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي هتان جي شهرين سان انصاف ڪري ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ جو سلسلو ٻيهر شروع ڪرائي.

7/17/2024 6:07:09 PM