Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ربيع الاول جي مهيني ۾ مذهبي هم آهنگي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفدن جي مختلف عالمن سڳورن سان ملاقاتون.


ربيع الاول جي مهيني ۾ مذهبي هم آهنگي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفدن جي مختلف عالمن سڳورن سان ملاقاتون.
 Posted on: 1/2/2015 1
ربيع الاول جي مهيني ۾ مذهبي هم آهنگي برقرار رکڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي وفدن جي مختلف عالمن سڳورن سان ملاقاتون.
ڪراچي؛ 2 جنوري 2015
             ربيع الاول جي مقدس مهيني ۾ سمورن مڪبت فڪر جي عالمن سڳورن جي وچ ۾ هم آهنگي برقرار رکڻ جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي رابطا ڪميٽي ميمبر عامر خان ٻين ذميوارن سان گڏجي اهل سنت پاڪستان جي رهنما علامه شاھ تراب الحق قادري سان ۽ حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي عبدالحسيب ۽ ٻين سني اتحاد ڪائونسل سنڌ جي رهنما طارق محبوب، دعوت اسلامي ڪراچي جي صدر يحيٰ عطاري ۽ تحريڪ منهاج القرآن جي صوبائي رهنما خواجه محمد اشرف سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي اڳواٺ مبارڪباد پيش ڪئي ۽ خصوصي پيغام به پهچايو. ان موقعي تي عالمن سڳورن ملڪ ۾ القائده ، داعش ۽ طالبان جي تيزي سان وڌندڙ سرگرمين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏنڍا بردار شريعت جي نفاذ جي کلي ڪري مخالفت ڪرڻ تي جناب الطاف حسين جي تائيد ۽ حمايت جو يقين ڏياريو. انهن ربيع الاول جي مهيني جي موقعي تي مذهبي هم آهنگي جي قيام جي لاءِ جناب الطاف حسين جي ڪوششن کي به ساراهيو. ان موقعي تي عالمن سڳورن جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون به ڪيون.

7/17/2024 8:28:28 PM