Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دهشت گرد تنظيمن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي جناب الطاف حسين جي پراڻي مطالبي جي موقف تي قومي اتفاق رائي قائم ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم تشڪر ملهايو.


 Posted on: 1/3/2015 1
دهشت گرد تنظيمن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي جناب الطاف حسين جي پراڻي مطالبي جي موقف تي قومي اتفاق رائي قائم ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم تشڪر ملهايو.
جيڪڏهن جناب الطاف حسين جي چوڻ تي 10 سال اڳ ئي عمل ڪيو وڃي ها ته اسان جا پيارا طالبان جي دهشت گردي جو شڪار نه ٿين ها.پاڪستان رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور.
نفل ادا ڪرڻ کان پوءِ قمر منصور جي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 3 جنوري 2015
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان طالبان دهشت گردن، انتها پسندن ۽ دهشت گرد تنظيمن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪرڻ جي پراڻي موقف تي گذريل ڏينهن ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ قومي اتفاق رائي پيدا ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم تشڪر ملهايو ويو. ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر نصرت، حيدرعباس رضوي، غازي صلاح الدين، ڪهف الورٰي، گلفراز خان خٽڪ، اسلم آفريدي، حق پرست سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، شعبن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ شڪراني جا نفل به ادا ڪيا. نفل ادا ڪرڻ کان پوءِ مولانا تنوير الحق دعا ڪرائي
2
جنهن ۾ جناب الطاف حسين جي عزت ۽ احترام ۾ اضافي،وڏي عمر، صحت و تندرستي، ايم ڪيو ايم جي نظريي جي فروغ، ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي ۽ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون. ان کان پوءِ رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين گذريل 10 سالن کان چوندا پيا اچن ته ملڪ ۾ قتال ڪرڻ وارن ۽ قتال في سبيل الله جي دعوت ڏيڻ وارن جو اثر و رسوخ وڌي رهيو آهي پر انهن جو مذاق اڏايو ويو پر گذريل ڏينهن طالبان ۽ داعش سميت مذهب جي نالي تي ڪاروائيون ڪرڻ وارن جي خلاف فيصلو ڪيو ويو ۽ انهن جو خاتمو ڪرڻ تي سڀني سياسي و مذهبي جماعتن ۾ اتفاق ڪيو ويو، جيڪا جناب الطاف حسين جي موقف جي واضع طور تي تائيد آهي ۽ اهو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي لاءِ خوشين جو ڏينهن آهي. انهن چيو ته اسان کي افسوس آهي جيڪڏهن جناب الطاف حسين جي ڳالهين تي اڄ کان 10 سال اڳ ئي يقين ڪري عمل ڪيو وڃي ها ته اسان جا نوجوان ۽ ٻچڙا دهشت گردي جي ور نه چڙهن ها. انهن آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ جناب الطاف حسين جو موقف پيش ڪرڻ تي ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ بيرسٽر فروغ نسيم کي به خصوصي مبارڪباد پيش ڪئي.


7/17/2024 8:18:47 PM