پوليس جي هٿان ماورائي عدالت قتل ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
جنازي نماز نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ مولانا تنوير الحق ٿانوي ادا ڪرائي، رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
ڪراچي 11 جنوري 2015
پوليس جي هٿان ماورائي عدالت قتل ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سيد فراز عالم شهيد، محمد ريحان شهيد، سيد نعيم جعفري شهيد، سيد جعفر عباس شهيد، عبدالرئوف محمود شهيد، همدردن ڊاڪٽر علي اڪبر شهيد ۽ ڊاڪٽر ياور حسين شهيد کي هزارين سوگوارن جي موجودگي ۾ ڪراچي جي مختلف قبرستانن ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، شهيدن جي جنازي نماز نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ مولانا تنوير الحق ٿانوي ادا ڪرائي.جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور، رابطا ڪميٽي ميمبرن عامر خان، حيدرعباس رضوي، غازي صلاح الدين، عارف خان ايڊووڪيٽ، گلفراز خان خٽڪ، اسلم آفريدي ، ڊاڪٽر نصرت ، ڪهف الورٰي، سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان علاوه شهيدن جي مٽن مائٽن ۽ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مولانا تنوير الحق ٿانوي دعا به ڪرائي. شهيدن جو ٽيجهو 12 جنوري بروز سومر تي انهن جي رهائشگاهن تي ٿيندو.