سنڌ حڪومت ته پاڻ ڏوهاري ماڻهن کي هائر ڪري ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سنڌ حڪومت پاڻ ايم ڪيو ايم جي دشمن بڻيل آهي ان جي ڪري اسان کي سنڌ حڪومت مان ڪا به خير جي اميد نه آهي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 11 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن پوليس اهلڪارن کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي جن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن محمد ريحان ولد شيخ عبدالرحمٰن، سيد نعيم جعفري ولد سليم جعفري ۽ سيد جعفر عباس ولد سعيد الحسن جعفري کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ٽارچر جو نشانو بڻائي ڪري انهن جون لاشون موچڪو ٿاڻي جي حد مواڇ ڳوٺ ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا.مان انهن پوليس اهلڪارن کي چوان ٿو جن انهن ڪارڪنن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ انهن جون لاشون اڇلايون آهن جيڪڏهن اهي پنهنجي پيءُ جي اولاد آهن ته ميڊيا تي کلي ڪري سامهون اچن ۽ پنهنجا نالا ٻڌائين ته اسان انهن کي گرفتار ڪيو هو ته اسان انهن جي خلاف به عدالت ۾ قانوني ڪاروائي ڪنداسين. انهن فرمايو ته ڇو ته سنڌ حڪومت ته پاڻ ڏوهاري ماڻهن کي هائر ڪري ٿي ۽ اها پاڻ ايم ڪيو ايم جي دشمن بڻيل آهي ان جي ڪري اسان کي ان مان ڪابه ڀلائي جي اميد نه آهي