Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪڏهن وزير اعلٰي سنڌ ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن مظلومن سان انصاف نه ڪيو ته انهن کي قدرت جي مڪافات عمل جي تحت بدتر حالتن کان گذرڻو پوندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 1/11/2015
جيڪڏهن وزير اعلٰي سنڌ ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن مظلومن سان انصاف  نه ڪيو ته انهن کي قدرت جي مڪافات عمل جي تحت بدتر حالتن کان گذرڻو پوندو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي سربراھ جنرل رضوان اختر ڏسن ته اهو سڀ ڇا ٿي رهيو آهي.
وزير اعلٰي هائوس جي ٻاهران احتجاجي ڌرڻي کي فون تي خطاب.
لنڊن؛ 11 جنوري 2015
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪڏهن وزير اعلٰي سنڌ ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن مظلومن سان انصاف نه ڪيو ته انهن کي قدرت جي مڪافات عمل جي تحت بدتر حالتن کان گذرڻو پوندو.ڪراچي ۾ هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف شيعا ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ پروفيشنلن کي شهيد ڪيو پيو وڃي پر جيڪڏهن اهو سلسلو نه روڪيو ويو ته ان جو عذاب پاڪستان تي پوندو . اها ڳالھ انهن وزير اعلٰي هائوس جي سامهون احتجاجي ڌرڻي جي شرڪاء کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.ان موقعي تي شهيدن جا پونئر به موجود هئا.جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ شهيدن جي پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي فرمايو ته اوهان ڏک جي ڪيفيت مان گذري رهيا آهيو مان ان کان چڱي نموني واقف آهيان. انهن فرمايو ته
2
جن ساٿين مون کي نه ڏٺو آهي اهي ايم ڪيو ايم جي شهيدن جي پراڻي لٽريچر جو مطالعو ضرور ڪن ان ۾ انهن کي الطاف حسين جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ ڀائيٽي عارف حسين شهيد جو ذڪر ضرور ملندو جن کي ٽن ڏينهن تائين حراست جي دوران بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ پوءِ انهن کي گڊاپ ۾ وٺي وڃي ڪري شهيد ڪيو ويو ۽ منهنجي ڀائيٽي کي مٿي تي ڪهاڙيون هڻي ڪري ٻه ٽڪڙا ڪيو ويو هو.ان جي ڪري مان شهيدن جي پونئرن جي ڏک کي چڱي نموني سمجهي سگهان ٿو.ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن فراز عالم کي حراست جي دوران وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جي ٽن ساٿين محمد ريحان، سيد نعيم جعفري ۽ سيد عباس کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ڪري انهن جون لاشون مواڇ ڳوٺ ۾ اڇلايون ويون. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن عبد الرئوف ۽ همدردن ڊاڪٽر علي اڪبر ۽ ڊاڪٽر ياور حسين کي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر کي مخاطب ڪندي فرمايو ته آخر اهو سڀ ڪجھ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ ڀلي اهي ڪهڙي به زبان ڳالهائڻ وارا ڇو نه هجن. جيڪڏهن پوليس يا قانون نافذ ڪرڻ وارن ٻين ادارن جي اهلڪارن کي اها خبر پئي ته اهي ايم ڪيو ايم سان تعلق رکن ٿا ته حراست جي دوران انهن سان دشمنن کان به وڌيڪ سلوڪ ڪيو وڃي ٿو؟ آخر انهن کي ڪهڙي ڏوھ ۾ بيدردي سان شهيد ڪيو پيو وڃي؟ انهن فرمايو ته وزير اعلٰي سنڌ ۽ انهن جي وزيرن کي ڪائي به پرواھ نه آهي ته سرڪاري اهلڪارن جي هٿان ڪنهن جو مڙس، ڪنهن جو والد ۽ ڪنهن  جو ڀاءُ يا پٽ شهيد ڪيو ويو آهي پر اهي ننڍ جا مزا وٺي رهيا آهن. آخر مان انصاف گهران ته ڪنهن کان گهران.مان پنهنجي شهيد ساٿين جو قصاص ڪنهن کان گهران؟انهن وزير اعلٰي سنڌ کي مخاطب ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن انهن مظلومن سان انصاف نه ڪيو ته انهن کي قدرت جي مڪافات جي عمل جي تحت بدتر حالتن مان گذرڻو پوندو.وزير اعلٰي وٽ وزير داخلا جي وزارت به آهي انهن تي ٻٽي ذميواري عائد ٿئي ٿي. پر پي پي وارن پنهنجي دور ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو قتل عام ڪرايو ۽ اڄ پنهنجي پسند جي ظالم ۽ وحشي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سي آئي اي، سي آئي ڊي، ايس آئي يو ۽ اسپيشل برانچ ۾ ڀرتي ڪري انهن کي ان ڳالھ جي کليل چوٽ ڏني وئي آهي ته انهن کي جتي ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن نظر اچي  ته ان کي گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ان کان پوءِ ان جي شهادت ٿي وڃي ته ان جي لاش کي روڊ تي اڇلائي ڇڏيو.جناب الطاف حسين سنڌ جي حڪمرانن کي چيو ته اهي الله تعالٰي جي انصاف کان ڊڄن، ان وٽ دير آهي پر انڌير نه آهي. ان جي لٺ بي آواز آهي. انشاء الله تعالٰي تمام جلد انهن تي ۽ انهن جي اولادن تي الله تعالٰي جو عذاب نازل ٿيندو، جيڪڏهن اهي الله سائين جي عذاب کان بچڻ چاهين ٿا ته الله تعالٰي کان پنهنجن
3
گناهن جي معافي وٺن ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قاتلن کي قانون جي مطابق سزا ڏيارين.جيڪڏهن ان ڪوشش ۾ انهن جي ڪرسي هلي وڃي ٿي ته ڀلي هلي وڃي پر اهي الله سائين جي عذاب کان پاڻ کي بچائي وٺن.جناب الطاف حسين فرمايو ته ايجنسين جي پي رول تي ڪم ڪرڻ وارا ڪجھ عناصر ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ايم ڪيو ايم تي الزام عائد ڪن ٿا ته ڪراچي آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن کي چونڊي چونڊي ماريو ويو آهي. جناب الطاف حسين واضع لفظن ۾ فرمايو ته خدا جو قسم انهن پوليس آفيسرن جي قتل ۾ ايم ڪيو ايم ملوث نه آهي، الله تعالٰي بهتر ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪنهن ماريو، جيڪي ماڻهو تعصب ۽ نفرت جي بنياد تي ايم ڪيو ايم تي الزام هڻڻ ٿا جيڪڏهن انهن جي ڀاءُ يا پٽ کي گرفتار ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ۽ انهن جي لاشن جا ٽڪڙا ڪري روڊن تي اڇلايو وڃي ته ڇا اهي انهن جي قاتلن کي گلن جا هار پارائيندا؟جناب الطاف حسين فرمايو ته جنهن جج پوليس جي تشدد جي باوجود ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن فراز عالم جو پوليس کي وڌيڪ ريمانڊ ڏنو مون کي ان جج جو به نالو گهرجي ته جيئن مان دنيا کي ٻڌائي سگهان ته پاڪستان ۾ اهڙا جج به آهن ۽ جن پوليس وارن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي قتل ڪري انهن جي لاشن کي مواڇ ڳوٺ ۾ اڇلايو آهي انهن ۾ جيڪڏهن همت آهي ته اهي کلي ڪري پريس ڪانفرنس ڪري چون ته اسان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ماريو آهي ته اسان انهن جي خلاف به قانوني جنگ وڙهنداسين.انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آئي ايس آئي، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجر ۽ آئي جي سنڌ کي چيو ته اهي قاتلن کي سخت ترين سزا ڏيارين. جناب الطاف حسين ميان نواز شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ڪراچي ۾ هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف شيعن ڊاڪٽرن،انجنيئرن ۽ پروفيشنلن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن اهو سلسلو نه روڪيو ويو ته ان جو عذاب پاڪستان تي پوندو ڇو ته حضرت علي عليه السلام جو قول مبارڪ آهي ته حڪومت ڪفر سان ته هلي سگهي ٿي پر ظلم ۽ ناانصافي سان نه ٿي هلي سگهي.انهن فرمايو ته ڪجھ اينڪر پرسن اسان جي ڪارڪنن جي قتل تي همدردي جو اظهار ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ مذاق اڏائن ٿا ۽ طعنا ڏين ٿا.انهن فرمايو ته پاڪستان بڻائن وارن جي اولادن سان اهو سلوڪ بند ڪيو وڃي ۽ مظلومن سان انصاف ڪيو وڃي.



7/17/2024 8:33:25 PM