Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اهو وقت حڪومت وڃي وڃي جا نعرا لڳائڻ جو نه آهي، اچو ته گڏجي ڪري دهشت گردي جي خلاف هڪ ٿي وڃون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اهو وقت حڪومت وڃي وڃي جا نعرا لڳائڻ جو نه آهي، اچو ته گڏجي ڪري دهشت گردي جي خلاف هڪ ٿي وڃون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/16/2014
اهو وقت حڪومت وڃي وڃي جا نعرا لڳائڻ جو نه آهي، اچو ته گڏجي ڪري دهشت گردي جي خلاف هڪ ٿي وڃون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن اسان پنهنجن مطالبن جي لاءِ 100 ڏينهن تائين ڌرڻا ڏيئي سگهون ٿا ته ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ به ڏھن ڏينهن ڌرڻو ڏيڻ گهرجي ۽ اسان کي پنهنجي عملن تي به نظر وجهڻ گهرجي.جناب الطاف حسين.
اقوام متحده جا سيڪريٽري جنرل، آمريڪا ، برطانيه ۽ يورپي يونين کي اپيل ڪريان ٿو ته طالبان جي خلاف پاڪستان جي مدد ڪئي وڃي نه ته اها باھ اوهان جي گهرن تائين به پهچي ويندي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 16 ڊسمبر 2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اهو وقت حڪومت جي وڃڻ وڃڻ جا نعرا لڳائڻ جو نه آهي، اچو ته گڏجي ڪري دهشت گردي جي خلاف هڪ ٿي وڃون. پشاور ۾ ٿيندڙ ان دردناڪ سانحي تي مختلف چينلن تي ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين دهشت گردي جي ان بدترين واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ فرمايو ته اهو ملڪي تاريخ جو تمام وڏو سانحو آهي. جنهن جي ان کان اڳ مثال نه ٿي ملي. انهن فرمايو ته وفاقي حڪومت ۽ خيبرپختوانخواھ جون حڪومتون ٻين ترقياتي منصوبن تي ڪم ضرور ڪن پر عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاء به خصوصي توجه ڏين ۽ پوليس کي جديد هٿيارن ۽ گاڏين سان ليس ڪن. ڇو ته هن وقت اسان جي پوليس وٽ پهرين ۽ ٻئي جنگ عظيم جون رائفلون آهن جيڪي يا ته هلن نه ٿيون ۽ جيڪڏهن هلن ٿيون ته گوليون بيرل ۾ ڦاسي پون ٿيون،پوليس جي پگهارن ۾ به اضافو ٿيڻ گهرجي. انهن فرمايو ته وزير اعظم ۽ وفاقي ڪابينا کي پنهنجي ترجيحات جو ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي. ملڪ عوام جي لاءِ هوندا آهن، جيڪڏهن عوام جي جان و مال محفوظ نه آهي ته پوءِ ڪهڙو فائدو؟ انهن فرمايو ته هن وقت ملڪ کي نيشنل يونٽي جي گهرج آهي، وزير اعظم تمام جماعتن کي گهرائين ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ گڏيل لائحه عمل بڻايو وڃي ۽ جيڪي جماعتون دهشت گردن کي شهيد ۽ وطن جي سلامتي جي لاءِ جنگ ۾ شهيد ٿيڻ وارن فوجين کي هلاڪ چون ٿيون ته انهن جماعتن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. انهن حڪومتن کي چيو ته اسڪولن جي حفاظت جي لاءِ بندوبست ڪيو وڃي. اسڪولن جي ڀتن کي مٿي ڪيو وڃي يا انهن تي تارن جي واڙ لڳائي وڃي ۽ اسڪولن کي پرائيويٽ سيڪيورٽي جي لاءِ خصوصي فنڊ ڏنا وڃن.جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو قوم تي آزمائش جو وقت آهي. ان موقعي تي اسان کي هڪ ٻئي جي مخالفت ڪرڻ يا اهو چوڻ ته حڪومت اسٽعيفٰي ڏيئي مناسب نه آهي. اسان کي پنهنجي عملن تي نظر وجهڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان 100 ڏينهن تائين ڌرڻا ڏيئي سگهون ٿا ته ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ڏهن ڏينهن جو ڌرڻو به ڏيڻ گهرجي.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڪيترن ئي سالن کان رڙيون ڪري ڪري چئي رهيو آهيان ته ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ طالبانائزيشن ٿي رهي آهي ته ان منهنجي ڳالھ جو مذاق اڏايو ويو ۽ چيو ويو  ته الطاف حسين قوم کي خوفزده ڪري رهيو آهي. ان وقت سڀئي انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا بڻيل هئا، اڄ صورتحال اها آهي ته ان دهشت گردن جي ڪاروائين سان ملڪ جو ڪوئي به شهر محفوظ نه آهي. پر افسوس جو ملڪ ۾ اڄ به ڪيترائي ماڻهو انهن دهشت گردن جي لاءِ نرمي رکن ٿا. انهن فرمايو ته 16 ڊسمبر تي ملڪ ٽٽو هو اڄ وري اهو دردناڪ سانحو ٿيو آهي اڄ وري قدرت اسان کي ڌوڏيو آهي ته اسان سنڀلجي وڃون نه ته باقي بچيل ملڪ جو به الله ئي حافظ آهي. انهن فرمايو ته مان اقوام متحده جي جنرل سيڪريٽري، آمريڪا، برطانيه ۽ يورپي يونين کي اپيل ڪريان ٿو ته پاڪستان طالبان جي خلاف وڙهي رهيو آهي ان جي مدد ڪئي وڃي نه ته اها باھ اوهان جي گهر تائين به پهچي ويندي.جناب الطاف حسين فرمايو ته لاء اينڊ آرڊر جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ ضروري آهي ته پوليس مقامي ماڻهن تي مشتمل هجي جيڪا هر علائقي جي صورتحال کي بهتر طريقي سان ڄاڻندي هجي. حڪومت جي بهتر انتظام جي لاءِ وڌيڪ انتظامي يونٽن ۽ پوليس جي تعداد ۾ اضافو به وقت جي ضرروت آهي.

7/17/2024 8:41:56 PM