Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه پشاور ۾ ايم ڪيو ايم پشاور ضلع جي انچارج ارباب ايوب جا ڀاڻيجا محمد نذر جيڪي آرمي پبلڪ اسڪول جا شاگرد به هئا شهيد ٿي ويا آهن. جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 12/16/2014
سانحه پشاور ۾ ايم ڪيو ايم پشاور ضلع جي انچارج ارباب ايوب جا ڀاڻيجا محمد نذر جيڪي آرمي پبلڪ اسڪول جا شاگرد به هئا شهيد ٿي ويا آهن. جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
پشاور 16 ڊسمبر 2014
            پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ دهشت گردي جي قومي سانحي ۾ ايم ڪيو ايم پشاور ضلع جي انچارج ارباب ايوب جا ڀاڻيجا نذر محمد جيڪي آرمي پبلڪ اسڪول جا شاگرد به هئا شهيد ٿي ويا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين نذر محمد شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ، پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي محمد نذر شهيد جي مغفرت فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه نذر محمد شهيد کي سوين سوگوارن جي موجودگي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
 

7/17/2024 8:24:06 PM