Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه پشاور جي شهيدن جي ياد ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.


سانحه پشاور جي شهيدن جي ياد ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
 Posted on: 12/16/2014
سانحه پشاور جي شهيدن جي ياد ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.
ڪراچي؛ 16 ڊسمبر 2014
            پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ دهشت گردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ معصوم شاگردن ۽ استادن جي ياد ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ميڻ بتيون روشن ڪيون ويون ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. جڏهن ته شهيدن جي ايصال و ثواب جي لاءِ ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي وئي.ميڻ بتيون روشن ڪرڻ جي تقريب ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر نصرت، غازي صلاح الدين، اسلم آفريدي، ڪهف الورٰي ۽ عارف خان ايڊووڪيٽ، اسيمبلي ميمبرن، سياسي و مذهبي جماعتن جي وفدن، واپارين، پروفيسرن، استادن، فنڪارن، اديبن، دانشورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ميڻ بتيون روشن ڪيون. ان کان پوءِ مولانا تنوير الحق ٿانوي دعا ڪرائي جنهن ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جي بلند درجات، زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي، سوگوارن جي لاءِ صبر جميل، زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي، ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي، پاڪ فوج جي حوصلن جي بلندي پاڪستان جي استحڪام ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون.

7/17/2024 8:22:57 PM