Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ فوري طور تي تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي گول ميز ڪانفرنس طلب ڪري گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وزير اعظم ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ فوري طور تي تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي گول ميز ڪانفرنس طلب ڪري گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/16/2014
وزير اعظم ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ فوري طور تي تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي گول ميز ڪانفرنس طلب ڪري گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پوري قوم کي دهشت گردن جي خاتمي جي جدوجهد ۾ پاڪ فوج جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ گهرجي.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 16 ڊسمبر 2014
              متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ دهشت گردن جي طرفان شاگردن ۽ استادن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائي ڪري شهيد و زخمي ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي ملڪ کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ فوري طور تي تمام سياسي و مذهبي جماعتن جي گول ميز ڪانفرنس گهرائي ڪري دهشت گردن جي خلاف گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏين. انهن خيالن جو اظهار انهن مختلف ٽي وي چينلن کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. جناب الطاف حسين پشاور واقعي کي قومي سانحو قرار ڏيندي فرمايو ته ڪنهن به ملڪ ۾ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي ذميواري حڪومت تي عائد ٿئي ٿي پر ان سان گڏو گڏ شهرين ۽ انهن جي نمائنده جماعتن جو به فرض بڻجي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ  آرمي اسڪول ۾ طالبان دهشت گردن حملي کان اڳ پهرين پنهنجي گاڏي کي بم سان اڏايو ۽ پوءِ ڇتي فائرنگ ڪري اسڪول جي معصوم ٻارن ۽ استادن کي شهيد و زخمي ڪري ڇڏيو. انهن فرمايو ته اهو دردناڪ قومي سانحو آهي ۽ اڄ 16
2
ڊسمبر آهي ۽ ان ڏينهن پاڪستان ٽٽو هو ۽ اڄ ئي دهشت گردن جي طرفان حملي جو اسان کي سنجيدگي سان جائزو وٺڻ گهرجي ته اهو حملو ڇو ۽ ڪيئن ٿيو؟ ڪي پي ڪي جي حڪومت شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا۽ مون کي تعجب آهي ته اسڪول ۾ ڪي به حفاظتي انتظام نه ٿيڻ جي ڪري طالبان دهشت گرد آساني سان ان ۾ داخل ٿي ويا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ شهيد و زخمي ٿيندڙ منهنجا پنهنجا ٻچا آهن ۽ انهن کي دهشت گردن مون کان ڇني ورتو آهي. انهن فرمايو ته ان قومي سانحي تي حڪومت کي پنهنجين ترجيحات جو نئين سري سان جائزو وٺڻ گهرجي ۽ دهشت گردن جي خلاف موثر قدم کڻڻ گهرجن.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي فوري طور تي سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي گول ميز ڪانفرنس طلب ڪن ۽ طالبان دهشت گردن جي خلاف اهڙي طرح گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏين ته جيئن نه صرف طالبان دهشت گردن جي خلاف ڀرپور اتحاد جو مظاهرو ڪيو وڃي بلڪه جيڪڏهن ضرروت پوي ته دهشت گردن سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جي مدد جي لاءِ هر جماعت پنهنجا رضاڪار مجاهد به فراهم ڪري.انهن فرمايو ته قرآن پاڪ ۾ الله تعالٰي فرمائي ٿو ته دين ۾ ڪوئي به ڏاڍ نه آهي، الله تعالٰي جي آسماني ڪتابن ۽ حديثن ۾ ڪٿي به اهو درس نه ڏنو ويو آهي ته ڪوئي دهشت گردن جو ٽولو بڻائي ڪري جي ايڇ ڪيو، نيول بيس، ڪامره بيس، ٻين سرڪاري تنصيبات، مسجدن و امام بارگاهن ۽ اسڪولن تي حملا ڪري ۽ پنهنجي هٿ ٺوڪيل شريعت کي زبردستي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. انهن فرمايو ته حڪومت ۽ تمام سياسي و مذهبي جماعتن کي به ملڪ و قوم تي زبردستي پنهنجي شريعت مسلط ڪرڻ وارن سان همدردي جو اظهار ڪندڙن کان به هوشيار رهڻ گهرجي.ملڪ ۾ شهرين جي جان و مال جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي جتي حڪومت ٻين ترقياتي منصوبن تي اربين روپيا خرچ ڪري رهي آهي اتي ان کي عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ به عملي قدم کڻڻ گهرجن.جناب الطاف حسين فرمايو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي قيادت ۾ پاڪ فوج اتر وزيرستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪري رهي آهي ، جنرل راحيل شريف هڪ بهادر انسان آهن جن انتها پسند دهشت گردن جي خاتمي جي لاءِ جرتمندي جو مظاهرو ڪيو آهي. جنهن تي مان جنرل راحيل شريف، تمام فوجي جرنلن ۽ جوانن کي سلام تحسين پيش ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته مان گذريل ٻن ڏهاڪن کان قوم کي طالبان دهشت گردن جي خطري کان آگاھ ڪندو پيو اچان ۽ جيڪڏهن ان عذاب کي نه روڪيو ويو ته پوءِ طالبان دهشت گردن کي روڪڻ وڏو مشڪل ٿي ويندو.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ان موقعي تي ڪنهن کي به تنقيد جو نشانو نه ٿو بڻائڻ چاهيان ڇو ته هن وقت ملڪ کي ڀائيچاري جي گهرج آهي. طالبان دهشت گردن جي خلاف پوري قوم کي پنهنجن سياسي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪري قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ دهشت گردن جي خاتمي جي جدوجهد ۾ پاڪ فوج جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ گهرجي. جناب الطاف حسين شهيد ٿيندڙ شاگردن ۽ استادن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمي ٿيندڙ شاگردن جي لاءِ جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي اسان جي گناهن کي معاف فرمائي، اسان ۾ قومي اتحاد پيدا ڪري ۽ پاڪستان کي انتها پسند دهشت گردن کان نجات ڏياري.آمين.
 

7/17/2024 8:44:29 PM