Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وحشي دهشت گردن کي پنهنجو ڀاءُ، پٽ ۽ شهيد چوڻ وارا پنهنجي روش کي ڇڏي ڪري دهشت گردن جي خلاف ميدان ۾ اچن. قمر منصور.


وحشي دهشت گردن کي پنهنجو ڀاءُ، پٽ ۽ شهيد چوڻ وارا پنهنجي روش کي ڇڏي ڪري دهشت گردن جي خلاف ميدان ۾ اچن. قمر منصور.
 Posted on: 12/16/2014
وحشي دهشت گردن کي پنهنجو ڀاءُ، پٽ ۽ شهيد چوڻ وارا پنهنجي روش کي ڇڏي ڪري دهشت گردن جي خلاف ميدان ۾ اچن. قمر منصور.
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ سانحه قصبه علي ڳڙھ۽ سقوط ڍاڪا جي شهيدن جي ورسي جي  موقعي تي ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي 16 ڊسمبر 2014
               متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه قصبه علي ڳڙھ، سقوط ڍاڪا ۽ سانحه پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ لال قلعه گرائونڊ ۾ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو اجتماع منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر نصرت، غازي صلاح الدين، عارف خان ايڊووڪيٽ، ڪهف الورٰي، حق پرست شهيدن جي پونئرن، لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي معروف عالم دين مولانا تنويرالحق ٿانوي قصبه علي ڳڙھ جي شهيدن، سقوط ڍاڪا جي شهيدن ۽ تمام شهيدن جي مغفرت ۽ سانحه پشاور ۾ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي، ملڪ جي سلامتي و بقا، ملڪ کان دهشت گردي جي خاتمي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته سانحه شاور ملڪ جي تاريخ جو هڪ وڏو سانحو آهي جنهن تي پوري قوم سوگوار آهي. جناب الطاف حسين ان سانحي تي ٽي روزه سوگ جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ سڄي پاڪستان ۾ تنظيمي سرگرميون معطل رهنديون ۽ آفيسن ۾ ڪارا جهنڊا لهرايا ويندا.انهن چيو ته ملڪ جون اهڙيون سياسي و مذهبي جماعتون جيڪي دهشت گردي جي مذمت نه ٿيون ڪن ۽ دهشت گردن کي پنهنجو ڀاءُ، پٽ ۽ شهيد چون ٿا انهن کي پنهنجي روش ڇڏي ڪري دهشت گردن جي خلاف ميدان ۾ اچڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته سانحه پشاور سان ڪي پي ڪي جي حڪومت جو پول کلي ويو آهي، احتجاج ڪرڻ هر سياسي جماعت جو حق آهي پر احتجاج جي دوران ميڊيا جي نمائندن ۽ خواتين رپورٽرن کي خوف زده ڪرڻ ڪنهن به طرح سان جائز نه آهي.
*

7/17/2024 8:27:59 PM