پشاور ۾ پرائيويٽ اسڪول تي دهشت گردن جي حملي ۾ 100 کان وڌيڪ معصوم ٻارن ۽ استادن جي شهادت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ٽي روزه سوگ جو اعلان.
سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي زونن، ضلعي آفيسن ۽ سيڪٽر و يونٽن تي تنظيمي سرگرميون معطل رهنديون ۽ نائن زيرو سميت سڄي ملڪ ۾ ڪارا جهندا لهرايا ويندا. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 16 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پشاور ۾ دهشت گردن جي طرفان پرائيويٽ اسڪول تي افسوسناڪ حملو ڪرڻ تي سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان ٽي روزه سوگ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان دوران ايم ڪيو ايم جي زونن، ضلعي آفيسن، سيڪٽرن ۽ يونٽن ۾ تنظيمي سرگرميون معطل رهنديون ۽ نائن زيرو سميت سڄي ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڪارا جهندا لهرايا ويندا.ان سلسلي ۾ حق پرست ميمبر قومي اسيمبلين کي فوري طور تي پشاور پهچي ڪري امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪي پي ڪي جا ذميوار، ڪارڪنَ ۽ ڪي ڪي ايف جا رضاڪار پشاور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ رت جا عطيات ڏيڻ جي لاءِ موجود آهن. ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.