ڪارڪن ۽ حق پرست عوام پشاور ۾ ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ فوري طور تي پهچي ڪري رت جا عطيات ڏين ۽ زخمين جي مدد ڪن ته جيئن وڌيڪ قيمتي انساني جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي.جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 16 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پشاور ۾ پرائيويٽ اسڪول تي دهشت گردن جي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي ۾ ڪيترن ئي معصوم ٻارن ۽ استادن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي شهيدو زخمي ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين خيبرپختونخواھ جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ رت جا عطيات ڏين ۽ زخمين جي مدد ڪن ته جيئن وڌيڪ قيمتي انساني جانين کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي.