Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي نائب صدر اصغر عباس جو وحشياڻو قتل قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي نائب صدر اصغر عباس جو وحشياڻو قتل قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/17/2014
ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي نائب صدر اصغر عباس جو وحشياڻو قتل قابل مذمت آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اصغر عباس جو قتل طالبان، انهن جي همدرد لشڪر جهنگوي ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جي گڏيل ڪاروائي آهي.
چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي عهديدارن جي قتلن جي واقعن جو فوري طور تي نوٽس وٺن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 17 ڊسمبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي نائب صدر اصغر عباس جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي کي پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف انتها پسند دهشت گرد تنظيمن جي ڪاروائي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته ڪجھ مهينا اڳ ئي لاهور ۾ ايم ڪيو ايم پنجاب جي رهنما ۽ ميمبر قومي اسيمبلي محترمه طاهره آصف کي شهيد ڪيو ويو هو، هڪ هفتو اڳ سيالڪوٽ جي نائب صدر بائو محمد انور کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ اڄ چنيوٽ ۾ ضلع جي نائب صدر اصغر عباس کي شهيد ڪيو ويو جيڪي پنهنجي گهر جي ٻاهران بيٺا هئا، موٽر سائيڪل تي سوار دهشت گردن انهن کي سيني تي گوليون هڻي ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اصغر عباس جو قتل طالبان، انهن جي همدرد لشڪر جهنگوي ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن جي گڏيل ڪاروائي آهي. طالبانائزيشن ۽ انتها پسندي جي خلاف آواز اٿارڻ تي ايم ڪيو اي
جي عهديدارن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيو پيو وڃي پر وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف صرف مقامي پوليس ۽ انتظاميه کان رپورٽون طلب ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجھ به نه ڪري رهيا آهن. اڄ تائين پنجاب ۾  دهشت گردن جي هٿان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به  عهديدار جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي عهديدارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو اهو سلسلو بند نه ڪرايو ويو ۽ قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي عهديدارن جي قتلن جي واقعن جو نوٽس نه ورتو ويو ته پوءِ ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ ۾ ڀرپور احتجاج ڪندي.جناب الطاف حسين چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪئي ته اهي پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي عهديدارن جي قتلن جي واقعن جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ پنجاب ۾ به دهشت گردي ڪرڻ وارن طالبان ، لشڪر جهنگوي ۽ ٻين دهشت گردن جي خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪن.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم چنيوٽ ضلع جي نائب صدر اصغر عباس شهيد جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. جناب الطاف حسين اصغر عباس شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي اصغر عباس شهيد جي مغفرت فرمائي ،انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.آمين.


7/17/2024 8:38:32 PM