Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه پشاور جي خلاف سڄي ملڪ ۾ ڀرپور يوم سوگ ملهايو ويو.


 Posted on: 12/17/2014
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه پشاور جي خلاف سڄي ملڪ ۾ ڀرپور يوم سوگ ملهايو ويو.
يوم سوگ جو مرڪزي اجتماع نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو.جنهن ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت، نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ ۽ سڄي ملڪ ۾ غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
ڪراچي؛ 17 ڊسمبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سانحه پشاور جي خلاف سڄي ملڪ ۾ ڀرپور يوم سوگ ملهايو ويو. ان سلسلي جو مرڪزي اجتماع نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر نصرت، ڪهف الورٰي، غازي صلاح الدين، اسلم آفريدي، عارف خان ايڊووڪيٽ، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن ، سيڪٽرن و يونٽن جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي معروف عالم دين ڊاڪٽر جميل راٺوڙ دعا ڪرائي جنهن ۾ سانحه پشاور جي شهيدن جي بلند درجات، پونئرن جي لاءِ صبر جميل، زخمين جي لاءِ جلد و مڪمل صحتيابي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. ان کان علاوه اندرون سنڌ، پنجاب، بلوچستان ، خيبرپختونخواھ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۾ قرآن خواني و فاتحه خواني جا اجتماع منعقد ڪيا ويا ۽ شهيدن جي غائبانه جنازي نماز به ادا ڪئي وئي. ان کان علاوه لال قلعه گرائونڊ ۾ به سانحه پشاور جي شهيدن جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي ،غائبانه جنازي نماز مولانا فيروز الدين رحماني ادا ڪرائي.
****

7/17/2024 8:30:53 PM