Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وزير اعظم نواز شريف، پي ٽي آئي سربراھ عمران خان ۽ ٻيا رهنما قتل و غارتگري ۾ ملوث وحشي طالبان دهشت گردن جو کلي ڪري نالو وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وزير اعظم نواز شريف، پي ٽي آئي سربراھ عمران خان ۽ ٻيا رهنما قتل و غارتگري ۾ ملوث وحشي طالبان دهشت گردن جو کلي ڪري نالو وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/17/2014
وزير اعظم نواز شريف، پي ٽي آئي سربراھ عمران خان ۽ ٻيا رهنما قتل و غارتگري ۾ ملوث وحشي طالبان دهشت گردن جو کلي ڪري نالو وٺن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وزير اعظم جي سربراهي ۾ پارليماني پارٽين جي اجلاس ۾ بزدلي جو مظاهرو ڪري طالبان جو نالو وٺڻ کان پاسو ڪيو ويو.
پارليماني پارٽين جو ٻيو سيشن يا ته بند ڪيو وڃي يا طالبان دهشت گردن جو کلي ڪري نالو ورتو وڃي.
عوام پنهنجي حفاظت جي لاءِ چوڪيداري نظام قائم ڪن ۽ مشڪوڪ ماڻهن تي ڪڙي نظر رکن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 17 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين  پارليماني پارٽين جي اجلاس ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف، پي ٽي آئي جي سربراھ عمران خان ۽ ٻين رهنمائن تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ قتل و غارتگري ۾ ملوث وحشي طالبان دهشت گردن جو کلي ڪري نالو وٺن ۽ بزدلي کان هرگز به ڪم نه وٺن. انهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته اهي تمام ٽي وي چينلن ۽ اسڪولن جي حفاظت کي يقيني بڻائين ۽ استادن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي هٿيارن جا لائسنسن جاري ڪيا وڃن. اها ڳالھ انهن هڪ
پرائيويٽ ٽي وي چينل کي خصوصي انٽرويو ڏيندي فرمائي. جناب الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر سانحه پشاور جي شهيدن جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي فرمايو ته سانحه پشاور جي موقعي تي مان حڪومت جي مخالفت ڪرڻ جي بجاءِ نه صرف پنهنجو تعاون پيش ڪيو بلڪه تجويز به ڏني ته طالبان دهشت گردن جي خاتمي جي لاءِ تمام سياسي و مذهبي جماعتن جي گول ميز ڪانفرنس گهرائي وڃي. انهن فرمايو ته اڄ وزير اعظم ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ پارليماني پارٽين جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير اعظم جي طرفان  بزدلي جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ قتل و غارتگري ۾ ملوث طالبان جو نالو وٺڻ کان پاسو ڪيو ويو. انهن فرمايو ته تحريڪ طالبان پاڪستان وڏي فخر سان سانحه پشاور جي ذميواري قبول ڪئي آهي جنهن ۾ معصوم ٻارن سميت 148 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ته پوءِ اسان کي طالبان دهشت گردن جو نالو وٺندي شرم ۽ خوف ڇو محسوس ٿي رهيو آهي؟ اوهان طالبان دهشت گردن جو نالو نه وٺي ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر انهن طالبان دهشت گردن جو ساٿ ڏيڻ جو عمل ڇو ڪري رهيا آهيو؟ انهن فرمايو ته پارليماني پارٽين جو ٻيو سيشن يا ته بند ڪيو وڃي يا طالبان دهشت گردن جو کلي ڪري نالو ورتو وڃي ۽ انهن جي ان عمل جي کلي ڪري مذمت ڪئي وڃي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن جي طرفان طالبان دهشت گردن جو نالو وٺي ڪري مذمت نه ڪئي وڃي ته پوءِ قوم تي لازم آهي ته اها اهڙن ماڻهن جو سوشل بائيڪاٽ ڪري. انهن فرمايو ته طالبان دهشت گرد سڄي ملڪ ۾ معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ انهن جا وزير عياشين ۾ مصروف آهن. جڏهن قوم جا مستقبل ئي زنده نه رهندا ته اسان ترقياتي منصوبن ۽ وڏن وڏن روڊن جو ڇا ڪنداسين. جيڪڏهن ماڻهن  خوف جي ڪري پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو ته پوءِ قوم جو مستقبل ڇا ٿيندو؟ ڪجھ سياسي و مذهبي رهنما صرف پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهن ۽ اهي طالبان دهشت گردن کان نجات جو حل به نه ٻڌائي رهيا آهن. ڦاهي جي سزائن تان پابندي هٽائڻ جي سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته ڪنهن به بي گناھ جو قتل قابل مذمت آهي.طالبان دهشت گردن جي طرفان حملا ڪري سوين ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي، دهشت گردي ۾ ملوث عناصر کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي موت کان سواءِ ٻئي ڪهڙي سزا ڏيئي سگهجي ٿي ، اهو عمل مجبورن ڪيو پيو وڃي پر حڪومت کي پاڻ به طالبان دهشت گردن جي کلي ڪري مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ آرمي چيف کي يقين ڏيارڻ گهرجي ته حڪومت اوهان سان گڏ آهي ۽ اوهان کي جيڪا مدد گهرجي اسان کان وٺو. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته چيف آف
آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف افغانستان جي دوري جي موقعي تي ڄمي ڪري افغان قيادت سان ڳالھ ڪندا ۽ ٽي ٽي پي ڪمانڊر مولوي فضل الله جي حوالگي جي باري ۾ به ڳالھ ڪندا. آرمي چيف قوم کي دهشت گردي کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ هن مهل تائين جهڙي طرح بهادري ۽ جرت جو مظاهرو ڪيو آهي ان تي پوري قوم کي پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.انهن وڌيڪ فرمايو ته مطلبي عناصر پاڪ فوج سان گڏ هجن يا نه هجن پر پوري قوم ان سان گڏ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته 18 هين ترميم کان پوءِ اختيار صوبن کي منتقل ٿي چڪا آهن ان جي ڪري صوبائي حڪومتن کي به بزدلي جي بجاءِ بهادري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن طالبان دهشت گردن جي خلاف ڀرپور آپريشن ڪرڻ گهرجي.جيڪڏهن سنڌ جو وزير اعلٰي ۽ وزير صوبي جي عوام کي تحفظ فراهم نه ٿا ڪري سگهن ته سنڌ جي حڪومت ايم ڪيو ايم کي ڏيئي ڇڏيو، اسان بهادري جو مظاهرو ڪري سنڌ ڌرتي کي طالبان دهشت گردن کان پاڪ ڪري ڇڏينداسين.انهن فرمايو ته وزير اعظم يا وزراء اعلٰي جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ سياسي ۽ مذهبي رهنمائن جي طرفان طالبان دهشت گردن جو نالو وٺي ڪري انهن جي مذمت نه ڪئي وئي ۽ بزدلي کان ڪم وٺبو رهيو ته اهڙن تمام اجلاسن کي جعلي ۽ قوم کي بي وقوف بڻائڻ جي ڪوششن کان سواءِ ڪجھ به قرار نه ٿو ڏيئي سگهجي.ان جي ڪري بي مقصد ڪانفرنس جا ڊراما بند ڪيا وڃن.انهن فرمايو ته هڪ طرف حڪومت ۽ ڪجھ سياسي رهنما طالبان دهشت گردن جو نالو وٺڻ جي لاءِ تيار نه آهن، جڏهن ته ٻئي طرف ڪجھ اينڪر پرسن ۽ تجزيه نگار به طالبان دهشت گردن جو نالو وٺندي خوف محسوس ڪري رهيا آهن ۽ صرف لفظ دهشت گرد استعمال ڪري رهيا آهن.جيڪا کليل منافقت آهي. انهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو ته ٽي وي چينلن، اخبارن جي آفيسن ۽ اسڪولن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. ميڊيا جي نمائندن ۽ اسڪولن جي استادن کي هٿيارن جا لائسنس ڏنا وڃن، پوليس ۾ وڌيڪ ڀرتيون ڪيون وڃن ۽ پوليس کي جديد ترين هٿيار۽ گاڏيون فراهم ڪيون وڃن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ و قوم هن وقت حالت جنگ ۾ آهن. هن وقت پوري قوم کي بهادري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هاڻي قوم تي پنهنجن ٻارن جي حفاظت فرض ٿي چڪي آهي. ان جي ڪري پاڪستان جي هر پاڙي ۽ گهٽي ۾ عوام پنهنجي حفاظت جي لاءِ چوڪيداري نظام قائم ڪن ۽ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ الارم سسٽم به لڳرائين، مشڪوڪ ماڻهن تي ڪڙي نظر رکن ۽ پنهنجن پنهنجن علائقن ۽ عوام جي حفاظت ڪن.

7/17/2024 8:32:13 PM