Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه پشاور ۾ معصوم ٻارن جي شهادت پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سانحه پشاور ۾ معصوم ٻارن جي شهادت پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/17/2014
سانحه پشاور ۾ معصوم ٻارن جي شهادت پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وقت اچي ويو آهي ته پاڪ سرزمين کي طالبان دهشت گردن کان هميشه هميشه جي لاءِ پاڪ ڪيو وڃي.جناب الطاف حسين.
معصوم ۽ بي گناھ ٻارڙن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارا انسانيت جا کليل دشمن آهن.رحمٰن ملڪ.
 قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سينيٽر رحمٰن ملڪ سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 17 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سانحه پشاور ۾ معصوم ٻارن جي شهادت پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڪ سرزمين کي طالبان دهشت گردن کان هميشه هميشه جي لاءِ پاڪ ڪيو وڃي. اها ڳالھ انهن سينيٽر رحمٰن ملڪ سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين سانحه پشاور ۾ معصوم شاگردن، استادن ۽ فوجي اهلڪارن جي شهادت تي تمام پاڪستانين، پاڪ فوج جي آفيسرن ، جوانن ۽ تمام شهيدن جي پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي فرمايو ته ان دردناڪ سانحي تي هر انک آلي ۽ هر دل غمگين آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته معصوم ٻارن جو رت رنگ آڻي رهيو آهي ۽ انهن جي شهادتن ستل قوم کي جاڳائي ڪري طالبان دهشت گردن جي خلاف متحد ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هر دردمند دل رکڻ وارو ماڻهو نه صرف رت جا ڳوڙها وهائي رهيو آهي. بلڪه اهي عناصر به اڄ طالبان دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جيڪي ڪالھ تائين طالبانائزيشن جي خدشي جي اظهار تي منهنجو مذاق اڏائيندا هئا. جناب الطاف حسين فرمايو ته هن وقت تمام سياسي و مذهبي جماعتن کي پنهنجا سياسي ۽ نظرياتي اختلاف هڪ پاسي رکي ڪري طالبان دهشت گردن جي خلاف قومي يڪجهتي جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي پاڪستان جي سرزمين تان طالبان دهشت گردن جو هميشه هميشه جي لاءِ خاتمو ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي پوري قوم کي متحد ۽ منظم ڪري ۽ ملڪ کي مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي کان نجات ڏياري، رحمٰن ملڪ سانحه پشاور کي قومي سانحو قرار ڏيندي چيو ته معصوم ۽ بي گناھ ٻارن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ وارا انسانيت جا کليل دشمن آهن.

7/17/2024 8:25:51 PM