Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سڄي ملڪ جا عوام فوج کي يقين ڏيارين ٿا ته دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ فوج اڪيلي نه آهي. رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور.


 Posted on: 12/18/2014
سڄي ملڪ جا عوام فوج کي يقين ڏيارين ٿا ته دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ فوج اڪيلي نه آهي. رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور.
جناب الطاف حسين طالبان کي بي نقاب ڪيو پر حڪمرانن قوم کي اونڌھ ۾ رکيو.
سانحه پشاور ۾ شهيد ٿيڻ وارن ۽ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 19 ڊسمبر بروز جمعي تي نمائش چورنگي کان تبت سينٽر تائين ايم ڪيو ايم جي زير تحت ريلي ڪڍي ويندي.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ قمر منصور جي هنگامي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 18 ڊسمبر 2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور چيو آهي ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي عوام خصوصن پاڪ کي يقين ڏياري ٿي ته اها دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ اڪيلي  نه آهي.بلڪه سڄي ملڪ جا عوام ۽ خصوصن ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن ان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ آهي.ايم ڪيو ايم سانحه پشاور ۾ شهيد معصوم شاگردن ، استادن  ۽ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 19 ڊسمبر بروز جمعي تي منجهند وڳي نمائش چورنگي کان تبت سينٽر تائين ريلي ڪڍي ويندي.انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر غازي صلاح الدين،عارف خان ايڊووڪيٽ، ڊاڪٽر نصرت، ڪهف الورٰي ۽ اسلم آفريدي به موجود هئا. قمر منصور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين تمام سياسي و مذهبي جماعتن جي اتحاد جي اهميت تي زور ڏنو آهي ۽ دهشت گردن جي خلاف بيهڻ جي اپيل ڪئي آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين سڀني کان پهرين طالبانائزيشن کي بي نقاب ڪيو پر حڪمرانن قوم کي اوندھ ۾ رکيو.انهن چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ دهشت گردن جي طرفان اهم تنصيبات ، سياسي ۽ سيڪيورٽي ادارن جي شخصيتن، درگاهن، امام بارگاهن، مسجدن ۽ بازارن ۾ حملن جي تفصيل کان ميڊيا کي آگاھ ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جنهن آپريشن ضرب جي حمايت ۾ لکين ماڻهن تي مشتمل تي ريلي جو انعقاد ڪيو هو، انهن چيو ته جناب الطاف حسين سڄي ملڪ ۾ دهشت گردي جي واقعن جي سڀني کان پهرين مذمت ڪئي، نائن اليون جو واقعو هجي، سابق صدر پرويز مشرف تي حملو هجي يا بي نظير ڀٽو تي حملو هجي، لاهور ۾ سريلنڪن ٽيم تي حملو هجي، ميرٽ هوٽل تي حملو هجي ، مهراڻ بيس ، عباس ٽائون، جي ايڇ ڪيو ، سي آئي ڊي سينٽر، ڪامراھ ايئر بيس، ڪراچي ايئرپورٽ يا فوجي جوانن، رينجر ۽ پوليس تي حملا هجن يا چوڌري اسلم جي شهادت هجي، مزارن، مسجدن، امام بارگاهن، چرچن يا عام هنڌن تي حملا هجن ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن هميشه انهن واقعن جي مذمت ڪئي آهي ۽ انهن جي خاتمي جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي پيشڪش ڪئي آهي. ان ڏوھ ۾ ايم ڪيو ايم کي طالبان جي طرفان نشانو بڻايو ويو. ايم ڪيو ايم جي جلسن تي حملا ڪيا ويا ۽ ايم ڪيو ايم کي اليڪشن جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کان به روڪيو ويو ۽ طالبان اسان جي چئن اسيمبلي ميمبرن محترمه طاهره آصف شهيد، منظر امام شهيد، ساجد قريشي شهيد ۽ رضا حيدر شهيد کي شهيد
ڪيو ويو. انهن چيو ته شيطان شيطان هوندو آهي سٺو هجي يا برو هجي.اهڙي طرح طالبان طالبان آهن سٺا هجن يا برا هجن.انهن چيو ته جيڪي رهنما طالبان دهشت گردن کي شهيد ۽ انهن کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏيئي رهيا آهن. انهن کي بي نقاب ڪيو وڃي ۽ انهن جو گهيراءُ ڪيو وڃي.انهن چيو ته 16 ڊسمبر تي پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ 141 ٻارن کي شهيد ڪيو ويو ۽ ايترن ئي کي زخمي ڪيو ويو جيڪو ملڪي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. ايم ڪيو ايم ماضي جي روايت کي برقرار رکندي ان سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ 19 ڊسمبر بروز جمعي تي منجهند 2 وڳي نمائش چورنگي کان تبت سينٽر تائين ريلي ڪڍندي.جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن، اديب، شاعر، ڊاڪٽر، استاد، پروفيسر، وڪيل ۽ زندگي جي تمام شعبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو شرڪت ڪندا.انهن وڌيڪ چيو ته اسان هر زبان ، مذهب، مسلڪ ۽ قوم سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي ۽ اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن کي پرزور اپيل ڪريون ٿا ته اهي ان يڪجهتي جي ريلي ۾ وڌ کان وڌ تعداد ۾ شرڪت ڪن.انهن تمام سياسي و مذهبي جماعتن کي به اپيل ڪئي ته اهي به اڳتي اچن ۽ ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن .


7/17/2024 8:35:12 PM