Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم چنيوٽ ضلع جي سينيئر نائب صدر اصغر عباس جعفري شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي سربراھ جنرل رضوان اختر کان مطالبو.


ايم ڪيو ايم چنيوٽ ضلع جي سينيئر نائب صدر اصغر عباس جعفري شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي سربراھ جنرل رضوان اختر کان مطالبو.
 Posted on: 12/18/2014
ايم ڪيو ايم چنيوٽ ضلع جي سينيئر نائب صدر اصغر عباس جعفري شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي سربراھ جنرل رضوان اختر کان مطالبو.
اصغر عباس جعفري شهيد جي بيوه، ڀاءُ طاهر عباس جعفري ۽ ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي ذميوارن سان فون تي تعزيت.
اوهان پنهنجي پاڻ کي اڪيلو نه سمجهو، اوهان جو ڀاءُ الطاف حسين موجود آهي، اصغر عباس جعفري اسان جا سينيئر ساٿي هئا ۽ تحريڪ جي هر ڪارڪن جو ڏک اسان جو ڏک آهي. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 18 ڊسمبر 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين چيف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي سربراھ جنرل رضوان اختر کان مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم چنيوٽ جي سينيئر نائب صدر اصغر عباس جعفري شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرايو وڃي. انهن اهو مطالبو اڄ شهيد جي تدفين کان پوءِ شهيد جي بيوه  ۽ ننڍي ڀاءُ طاهر عباس جعفري ۽ چنيوٽ جي ذميوارن سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پنجاب ۾ ڪجھ مهينن جي دوران ايم ڪيو ايم جي ٽن رهنمائن طاهره آصف، بائو محمد انور ۽ اصغر عباس کي قتل ڪيو ويو آهي. پر پنجاب حڪومت هن مهل تائين قاتلن کي نه پڪڙي سگهي آهي جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالھ آهي. انهن فرمايو ته مان جنرل راحيل شريف ۽ ڊي جي آئي ايس آئي جنرل رضوان اختر کان مطالبو ڪريان ٿو ته اوهان قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ پنجاب حڪومت تي دٻاءُ وجهو ڇو ته  اها قاتلن کي چڱي نموني سڃاڻي ٿي. انهن فرمايو ته اصغر عباس جعفري جي وحشياڻي قتل ۾ ملوث عناصر لشڪر جهنگوي، سپاھ صحابه، داعش ۽ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملو ڪرڻ وارا طالبان دهشت گرد هڪ ئي آهن. انهن فرمايو ته اصغر عباس جعفري شهيد جا قاتل جيڪڏهن قانون جي گرفتار کان بچي به ويا ته به الله سائين جي پڪڙ کان اهي بچي نه سگهندا. جناب الطاف حسين اصغر عباس شهيد جي بيوه کي دلاسو ڏنو ۽ انهن کي چيو ته اوهان پنهنجي پاڻ کي اڪيلو نه سمجهو.اوهان جو ڀاءُ الطاف حسين موجود آهي. اسان پاڻ اصغر عباس جي ڏک ۾ آهيون ۽ انهن جو غم سڄي ملڪ ۾ ملهايو ويو وڃي. تمام ايم ڪيو ايم جا ڪارڪنَ ان ڏک ۾ شريڪ آهن. انهن شهيد جي بيوه ۽ اهل خانه سان تعزيت ڪئي ۽ شهيد جي لاءِ دعا ڪئي.جناب الطاف حسين شهيد جي ننڍي ڀاءُ اطهر عباس جعفري شهيد سان به تعزيت ڪئي ۽ انهن کي چيو ته تحريڪ اصغر جعفري شهيد جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي.شهيد جي ڀاءُ اطهر عباس جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اوهان ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن اسان جو جهڙي طرح سان ساٿ ڏنو آهي ان اسان جا دل کٽي ورتا آهن. جناب الطاف حسين انهن کي چيو ته اصغر عباس جعفري اسان جا سينيئر ساٿي هئا ۽ تحريڪ جي هر ڪارڪن جو ڏک اسان جو ڏک آهي.جناب الطاف حسين چنيوٽ ضلع جي صدر چوڌري مسعود اظهر ايڊووڪيٽ، نائب صدر سجاد علي، سيڪريٽري جنرل راڻا تجمل ۽ پنجاب جي صوبائي تنظيمي ڪميٽي جي ميمبرن شاهد بشير ۽ ٻين مقامي ذميوارن سان به ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ اصغر عباس شهيد جي تدفين جي موقعي تي وڌي چڙهي ڪري ڪم ڪرڻ تي شاباش پيش ڪئي ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي شهيد جي فيملي جو هر طرح سان خيال رکن. انهن فرمايو ته اصغر عباس شهيد جو رت رنگ لائيندو ۽ پوري چنيوٽ ۾ حق پرستي جو فلسفو ڦيلجندو.

7/17/2024 8:23:45 PM