سانحه پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۽ پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم سيالڪوٽ جي نائب صدر بائو محمد انور ۽ چنيوٽ جي سينيئر نائب صدر سيد اصغر عباس جي وحشياڻي قتلن جي خلاف ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾الڳ الڳ تحريڪ التوائون جمع ڪرائي ڇڏيون.
اسلام آباد؛18 ڊسمبر 2014
متحده قومي موومينٽ سانحه پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۽ پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم سيالڪوٽ جي نائب صدر بائو محمد انور شهيد ۽ چنيوٽ جي سينيئر نائب صدر سيد اصغر عباس شهيد جي وحشياڻي قتلن جي خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ الڳ الڳ تحريڪ التوائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. تحريڪ التوائون قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر رشيد گوڏيل جمع ڪرايون. ان موقعي تي حق پرست ميمبر قومي اسيمبلي ساجد احمد، آصف حسنين ۽ عبدالوسيم به موجود هئا.